پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم بابر اعظم پاران قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني قبول ڪرڻ کي غلط فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو.
مانچسٽر ۾ وقار يونس سان گڏ خيراتي فنڊ گڏ ڪرڻ واري پروگرام ۾ شرڪت دوران ڳالهائيندي وسيم اڪرم چيو ته مان ڪنهن کي الزام ڏيڻ نٿو چاهيان ۽ ٿي سگهي ٿو ته مان غلط هجان، پر منهنجي خيال ۾ بابر اعظم کي ڪپتاني قبول ڪرڻ ئي نه گهرجي ها، اها سموري ڳالهه غير ضروري هئي.
وسيم اڪرم چيو ته ٽئين ٽيسٽ ۾ ٽاس دوران بابر اعظم کان 7 رانديگرن ۽ ڪوچ جي تبديلي بابت پڇيو ويو ته بابر اعظم چيو ته کيس خبر ناهي. جيڪڏهن توهان کي خبر ئي ناهي ته پوءِ توهان هتي ڇا چڻا کپائڻ آيا آهيو؟
هن چيو ته هڪ رانديگر يا شخص طور منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن توهان جو اڳواڻ يا ڪپتان توهان جو ساٿ نه ڏئي ته توهان پنهنجو 100 سيڪڙو نٿا ڏئي سگهو. منهنجي راءِ آهي ته ٻي ٽيسٽ کانپوءِ جيڪي ڪجهه ٿيو، ان کان پوءِ بابر اعظم کي چوڻ گهرجي ها ته هو رڳو رانديگر طور کيڏندو.