27 سيپٽمبر واري مارچ کي عمران خان کانسواءِ ڪير به نٿو روڪي سگهي: علامه ناصر عباس

سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس چيو آهي ته هن گهرو معاملن واري وزير محسن نقوي سان ملاقات دوران واضح ڪيو آهي ته 27 سيپٽمبر وارو لانگ مارچ پي ٽي آءِ جي باني کانسواءِ ٻيو ڪير به ملتوي نٿو ڪري سگهي.

علامه راجا ناصر عباس ٻڌايو ته محسن نقوي سان ملاقات سندس ئي درخواست تي ٿي. پاڪستان جي مسئلن تي ڳالهائڻ ۽ انهن جي حل لاءِ اسان هر وقت موجود آهيون.

ٻئي طرف خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي اسلام آباد ۾ محمود خان اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس سان ملاقات ڪئي.

محمود خان اچڪزئي جي رهائشگاهه تي ٿيل ملاقات ۾ 27 سيپٽمبر واري احتجاج جي سڏ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا.

مخالف ڌر جي اتحاد جي ترجمان اخوانزاده حسين يوسفزئي ٻڌايو ته ملاقات ۾ جمهوري جدوجهد کي اثرائتي نموني اڳتي وڌائڻ جي مختلف پاسن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

You might also like