روسي اختيارين موجب آچر ڏينهن روس جي پارلياماني چونڊن جي آخري ڏينهن ماسڪو ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن تي سوين ڊرونن سان حملا ڪيا ويا، جن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ وڏي تيل صاف ڪرڻ واري ڪارخاني کي سخت نقصان پهتو.
ماسڪو جي ميئر سرگئي سوبياڻين ٻڌايو ته 1600 کان وڌيڪ ڊرونن کي هوا ۾ ئي روڪي تباهه ڪيو ويو، جن مان 450 جو سڌو نشانو ماسڪو شهر هو. هن چيو ته دشمن طرفان هينئر تائين ڪيل سڀ کان وڏو حملو ناڪام بڻايو ويو آهي.
ٻئي پاسي يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي انهن حملن جي واکاڻ ڪندي چيو ته اسان جي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ حملن گذريل رات ماسڪو واري علائقي ۾ تمام نمايان اثر ڇڏيا آهن.
سماجي رابطن واري رابطي جي ماڳ ايڪس تي هن وڌيڪ لکيو ته روس جي تيل واري صنعت جي اهم هنڌن ۽ سامان پهچائڻ وارين سهولتن کي نشانو بڻايو ويو آهي.
ماسڪو واري علائقي جي گورنر آندري ووروبيوف سماجي رابطن واري ماڳ تي ٻڌايو ته ٻن مختلف هنڌن تي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڄڻا مارجي ويا، جن ۾ 44 ورهين جي عورت ۽ هڪ پوڙهو شهري شامل آهن.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته 21 ماڙ عمارت سان ڊرون ٽڪرائجڻ کانپوءِ لڳل باهه سبب 400 ماڻهن کي محفوظ طريقي سان عمارت مان ٻاهر ڪڍيو ويو.
اختيارين موجب روس جي قبضي هيٺ ڏکڻ واري علائقي خيرسون ۾ به يوڪرين جي هڪ ڊرون بس کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ چونڊ ڪميشن جي هڪ ميمبر سميت وڌيڪ ٻه ڄڻا مارجي ويا.