پي ٽي آءِ مارچ، ريلي يا جلوس لاءِ ڪا به سهولت نه ڏيو، ڀڃڪڙي ڪندڙ پوليس آفيسر خلاف ڪارروائي ٿيندي: آءِ جي خيبرپختونخوا

پشاور (ويب ڊيسڪ) آءِ جي خيبرپختونخوا ذوالفقار حميد پوليس آفيسرن کي پي ٽي آءِ جي مارچ، ريلي يا جلوس ۾ ڪنهن به قسم جي سهولت فراهم نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.
چيف سيڪريٽري خيبرپختونخوا به سرڪاري وسيلن ۽ فنڊن جي استعمال کان روڪي ڇڏيو آهي.
هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به سياسي جماعتن ۽ صوبائي حڪومتن کي شاهراهن جي بندش کان روڪي چڪي آهي.

You might also like