محسن نقوي کان ٽرافي يا ميڊل وٺڻ کان انڪار تي ڪارروائي ٿيندي؟ ڀارتي مردن ۽ عورتن جي ٽيمن لاءِ ضابطا واضح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي مردن ۽ عورتن ٻنهي ٽيمن گذريل ايشين گيمز ۾ سونا ٻلا کٽيا هئا ۽ هن سال آئچي-ناگويا 2026ع ۾ به ٻنهي ٽيمن کي گولڊ ميڊل لاءِ مضبوط اميدوار سمجهيو پيو وڃي.
ايشيا ڪپ جي ٽرافي وارو تڪرار مسلسل ٻئي سال به جاري آهي. تازو ئي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي چيئرمين محسن نقوي کان ڀارتي عورتن جي فاتح ٽيم ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪيو هو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، جيڪڏهن اولمپڪ ڪائونسل آف ايشيا (او سي اي) محسن نقوي کي ميڊل پيش ڪرڻ جي ذميواري ڏئي ٿي ته ڀارتي ٽيمون کائنس ٻلا وصول ڪنديون، پر جيڪڏهن ڀارتي ٽيمون انڪار ڪن ٿيون ته ان کي او سي اي ۽ ان جي بااختيار نمائندي جي توهين تصور ڪري سگهجي ٿو، جنهن تي کاتي ڪارروائي به ٿي سگهي ٿي.
ڀارتي ميڊيا موجب، ان حوالي سان ڳالهائيندي بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري ديوجيت سائڪيا چيو آهي ته بورڊ جو ڌيان هن وقت رڳو ميچن تي آهي، جڏهن صورتحال سامهون ايندي ته ان وقت ان کي منهن ڏنو ويندو.
ايشين گيمز ۾ ميڊل پيش ڪرڻ جو طريقوڪار ڇا آهي؟
او سي اي جي آئين ۽ ضابطن جي آرٽيڪل 66 تحت ”فتح ۽ ميڊل واري تقريب“ ۾ سوڀاري ٽيم يا رانديگرن کي ٻلا او سي اي جو صدر پيش ڪندو آهي، جڏهن ته صدر کي اها ذميواري او سي اي جي ٻين ميمبرن حوالي ڪرڻ جو اختيار به حاصل آهي.
ضابطن موجب، راندين جي فتح واري تقريب دوران ڪنهن به قسم جو مظاهرو يا تجارتي، سياسي، مذهبي يا نسلي پروپيگنڊا ڪرڻ جي اجازت ناهي.
ياد رهي ته ڀارتي مينز ٽيم به گذريل سال اي سي سي چيئرمين محسن نقوي کان ايشيا ڪپ جي ٽرافي ۽ ميڊل نه ورتا هئا.

You might also like