پنهنجي شهر ۾ ڌرڻو هڻو، اڳواٽ ٻڌايان پيو، پوءِ ميار نه ڏجو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ڪنهن به صورت وفاقي گادي واري شهر تي ڪاهه نٿي ڪري سگهجي، عدالتي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف توهينِ عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ طرفان ڏنل احتجاج جي سڏ بابت تفصيلي اجلاس ڪيو ويو آهي، ڪنهن کي به بدامني پکيڙڻ جي اجازت ناهي، اها ڳالهه اڳواٽ ٻڌائي رهيا آهيون، پوءِ ميار نه  ڏيجو.“ واضح رهي ته پي ٽي آءِ 27 سيپٽمبر تي اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ۽ احتجاج جي ڪال ڏني آهي، جنهن ۾ باني عمران خان کي علاج جون سهولتون ڏيڻ سميت مختلف مطالبا شامل آهن. پي ٽي آءِ جي احتجاج جي مطالبن ۾ عمران خان ۽ سندس گهرواري جي ڪيسن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ، عمران خان سان وڪيلن، ڊاڪٽرن، گهرڀاتين ۽ پارٽي اڳواڻن جون ملاقاتون بحال ڪرڻ، جڏهن ته ذاتي ڊاڪٽر ۽ گهرڀاتين جي موجودگي ۾ علاج جي سهولت ڏيڻ شامل آهن. محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن ڪو اسلام آباد ڏانهن نڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ان کي هر ممڪن طريقي سان روڪيو وڃي.هن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير تي تنقيد ڪندي چيو ته ڌرڻي لاءِ جيتري تياري ڪئي وئي آهي، اوتري ئي تياري صوبي ۾ دهشتگردي روڪڻ لاءِ ڪئي وڃي. گهرو وزير موجب، ماضيءَ ۾ به جاني نقصان ٿيندو رهيو آهي ۽ ٻئي طرف کان هٿيار استعمال ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سيڪيورٽي اهلڪارن کي واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن ته جيڪڏهن مٿن تي فائرنگ ڪئي وئي ته هو خاموش نه ويهندا.محسن نقوي چيو ته سياسي قيادت ضرور احتجاج ڪري، پر پنهنجي شهر ۽ علائقي ۾ ڪري. سندس چوڻ هو ته هڪ پاسي شهيدن جا جنازا کڄن ۽ ٻي پاسي ڌرڻن جون تياريون ٿين، اهو مناسب ناهي.عمران خان جي صحت بابت سوال تي محسن نقوي چيو ته شايد سندس پنهنجن ماڻهن کي به ايتري ڳڻتي نه هجي، جيترو بهتر سندس علاج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي معاملو عدالت تي ڇڏيون ٿا.

You might also like