ڪو به آئين کان مٿانهون ناهي، وفاقي وزير چريائپ وارا بيان ڏئي رهيا آهن، نون صوبن کي سنڌ جو عوام رد چڪو آهي: جميل سومرو

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جميل سومرو وفاقي حڪومت ۽ وفاقي وزيرن جي بيانن تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته وفاقي وزير چريائپ وارا بيان ڏئي رهيا آهن ۽ ڪجهه ته ريفرينڊم جي به ڳالهه ڪري رهيا آهن.
نون صوبن واري معاملي تي ڳالهائيندي جميل سومرو چيو ته سنڌ جو عوام نون صوبن جي ڪوششن ۽ تجويزن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي به ان حوالي سان پنهنجو واضح فيصلو ٻڌائي چڪي آهي.
هن چيو ته ڪو به وفاقي وزير آئين کان مٿانهون ناهي، تنهن ڪري اجايو بحث ڪيو پيو وڃي.
مهانگائي ۽ پيٽرول جي اگهن بابت ڳالهائيندي جميل سومرو وفاقي حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته پيٽرول جا اگهه 400 رپين تائين پهچايا ويا آهن.

You might also like