آمريڪا جي ڏاڍ مڙسي، روسي تيل خريد ڪندڙ ملڪن خلاف ٽرمپ کي ”ڪجهه به ڪرڻ“ جو اختيار ملي ويو، ڀارت ۽ چين نشاني تي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڪانگريس روس ۽ ايران تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي هڪ نئون ۽ سگهارو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن تحت روسي تيل ۽ گئس خريد ڪندڙ ملڪن تي به ڳرا ٽيڪس لاڳو ڪري سگهجن ٿا. ان قدم سان ڀارت ۽ چين سڌيءَ ريت متاثر ٿي سگهن ٿا.
اربع ڏينهن آمريڪي ڪانگرنيس ”سينڪشننگ رشيا اينڊ ايران ايڪٽ 2026“ کي 159 جي مقابلي ۾ 262 ووٽن سان منظور ڪري ورتو.
آمريڪا ۾ سخت سياسي ويڇن باوجود بل کي ٻنهي وڏين پارٽين جي غيرمعمولي حمايت حاصل رهي.
بل جي حق ۾ 203 ريپبلڪن، 58 ڊيموڪريٽس ۽ هڪ آزاد ميمبر ووٽ ڏنو، جڏهن ته 152 ڊيموڪريٽس ۽ 7 ريپبلڪن ان جي مخالفت ڪئي.
سينيٽ اڳ ئي 7 آگسٽ تي بل کي 11 جي مقابلي ۾ 86 ووٽن سان منظور ڪري چڪي هئي، هاڻي بل صحيحن لاءِ صدر ٽرمپ ڏانهن موڪليو ويو آهي.
ڀارت لاءِ هن قانون جو سڀ کان اهم شق اِهو آهي ته صدر ٽرمپ کي روس کان تيل يا گئس خريد ڪندڙ ملڪن تي 100 سيڪڙو تائين ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اختيار حاصل ٿي ويندو.
ڀارت ۽ چين روسي توانائي جا وڏا خريدار سمجهيا وڃن ٿا، تنهن ڪري نئين دهلي ۽ بيجنگ ۾ هن قانون تي گهري نظر رکي پئي وڃي.
ڀارت ۾ خاص طور تي ڊيموڪريٽڪ سينيٽر رچرڊ بلومينٿل جا بيان بحث هيٺ آهن.
بل جي منظوري کانپوءِ ڪيپيٽل هل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چين ۽ ڀارت کي مخاطب ٿيندي چيو ته بهتر ائين ٿيندو ته هو روس بدران ڪنهن ٻئي هنڌان تيل ۽ گئس خريد ڪن، ڇاڪاڻ ته ”ڪنهن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪا حڪمت عملي ناهي.“
بلومينٿل جي ان وارننگ تي ردعمل ڏيندي دي هندو جي رزيڊنٽ ايڊيٽر ورگيز ڪي جارج لکيو ته ”عام طور تي چيو ويندو آهي ته ٽرمپ جي دور کانپوءِ ڀارت ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ٻيهر بش ۽ اوباما دور جي پاليسين ڏانهن موٽي ويندا، پر هاڻي اهڙي ئي نوعيت جو موقف هڪ ڊيموڪريٽ سياستدان جي واتان به ٻڌڻ ۾ اچي پيو.“
ٻئي پاسي آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ بروڪنگز انسٽيٽيوشن جي سينيئر فيلو تنوي مدن ان تجزيي سان اختلاف ڪندي چيو ته تمام گهٽ ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته ڀارت ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي مڪمل طور ماضيءَ ڏانهن موٽائي سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته روس سميت ڪيترن ئي معاملن تي ريپبلڪن ۽ ڊيموڪريٽ، ٻنهي پارٽين جا قانون ساز ماضي ۾ به ڀارت سان اختلاف رکندا رهيا آهن.
تنوي مدن موجب، فرق رڳو اهو هو ته اڳوڻين آمريڪي حڪومتن انهن اختلافن کي هڪ ڊگهي حڪمت عملي تحت سنڀالي رکيو، اها حڪمت عملي ٻن اهم نقطن تي ٻڌل هئي ته چين جي مقابلي ۾ ڀارت جي اهميت ۽ عالمي تيل جي قيمتن بابت خدشا. ان ئي پسمنظر ۾ روسي تيل جي قيمت تي حد مقرر ڪرڻ واري پاليسي متعارف ڪرائي وئي هئي.

You might also like