ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي چٺا جي ضمانت منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ (سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي چٺا جون ضمانتون منظور ڪندي ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي.
عدالت ٻنهي کي 2 لک رپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي.
جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته ضمانت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس جي حتمي فيصلي تائين ڏني پئي وڃي.
هن چيو ته ٻئي ڄڻا وڪيل آهن، ان ڪري سندن عزت جو خيال رکيو پيو وڃي، کين به گهرجي ته عدالت جي ڊيڪورم جو خيال رکن.
جسٽس نعيم اختر افغان جو چوڻ هو ته هڪ وڪيل ۽ عام ماڻهو ۾ فرق هوندو آهي.

You might also like