سنگاپور پنهنجي شهرين ۾ ڪتاب پڙهڻ جي عادت وڌائڻ ۽ وڌندڙ ’ڊوم اسڪرولنگ‘ جي رجحان کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ انوکو پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن پروگرام تحت روزانو گهٽ ۾ گهٽ 15 منٽ ڪتاب پڙهندڙ ماڻهن کي پوائنٽس ڏنا ويندا، جيڪي پوءِ رقم ۾ تبديل ڪري سگهبا.
حڪومت پاران شروع ڪيل هن گيمي فڪيشن پروگرام جو مقصد شهرين ۾ ڌيان سان پڙهڻ، تنقيدي سوچ ۽ تخيل کي هٿي ڏيڻ آهي.
پروگرام تحت 15 منٽ يا ان کان وڌيڪ وقت پڙهڻ تي روزانو 20 ورچوئل سڪا ڏنا ويندا. هڪ ڏينهن ۾ رڳو هڪ پڙهائي وارو سيشن ڳڻيو ويندو، جڏهن ته 1000 سڪن جي بدلي هڪ سنگاپوري ڊالر حاصل ڪري سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح هڪ ڊالر حاصل ڪرڻ لاءِ روزاني پڙهائي جا 50 سيشن مڪمل ڪرڻا پوندا.
نيشنل لائبريري بورڊ جي سربراهه ميليسا ٽام موجب پڙهڻ جي پائيدار عادت ننڍن ۽ آسان مقصدن سان قائم ڪري سگهجي ٿي.
هن چيو ته اڄ جي دنيا ۾ معلومات، مواد ۽ وندر جي غيرمعمولي گهڻائي موجود آهي، جتي ماڻهو ڪنهن به وقت سوين سرخيون ڏسي سگهن ٿا، وڊيوز ڏسي سگهن ٿا يا لڳ ڀڳ هر موضوع جو خلاصو حاصل ڪري سگهن ٿا.
ميليسا ٽام جو چوڻ هو ته عادتون ننڍن پر لڳاتار قدمن سان ٺهن ٿيون، تنهنڪري هن پروگرام جي شروعات روزانو رڳو 15 منٽ پڙهڻ جي سادي مقصد سان ڪئي وئي آهي، ڀلي اهو وقت بس ۾ سفر دوران، سمهڻ کان اڳ يا کاڌي جي وقفي دوران ئي ڇو نه هجي.
سنگاپور جو هي قدم اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن اسمارٽ فونز ۽ سوشل ميڊيا تي لڳاتار اسڪرولنگ سبب ماڻهن جي ڌيان جي مدت ۽ گهري مطالعي جي عادتن بابت سڄي دنيا ۾ بحث جاري آهي.