اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هلندڙ سال ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان 20 سيپٽمبر تي ٿيندو، جنهن لاءِ هڪ لک 38 هزار 160 اميدوار رجسٽرڊ ٿيا آهن.
صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ايم ڊي ڪيٽ لاءِ سڄي ملڪ ۾ 34 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سعودي عرب جي شهر رياض ۾ به هڪ مرڪز قائم ڪيو ويو آهي.
هن ٻڌايو ته ايم ڊي ڪيٽ جو پرچو 180 سوالن تي ٻڌل هوندو، جڏهن ته امتحان لاءِ مجموعي طور 8 هزار سوال تيار ڪيا ويا آهن، جيڪي سڄي ملڪ مان چونڊيل ماهرن تيار ڪيا آهن.
مصطفيٰ ڪمال موجب، هلندڙ سال ايم ڊي ڪيٽ جي نظام ۾ اهم بهتري آندي وئي آهي، پيپر ليڪ ٿيڻ جي صورت ۾ سڄي ملڪ جو امتحان رد ٿيڻ جي خدشي کي ختم ڪرڻ لاءِ هر صوبي کي ٻه الڳ پرچا فراهم ڪيا ويا آهن.
هن چيو ته ايم ڊي ڪيٽ ڪرائڻ جي ذميواري صوبن ۽ ميڊيڪل يونيورسٽين جي آهي، جڏهن ته صحت واري وزارت ۽ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل امتحان جي نگراني ڪندا.
آزاد ڪشمير جي شاگردن لاءِ الڳ پورٽل کوليو ويو آهي، جڏهن ته انٽرنيٽ جي مسئلن سبب اتي شاگردن کي ايم ڊي ڪيٽ جي هارڊ ڪاپي فراهم ڪئي ويندي.
آزاد ڪشمير جي شاگردن لاءِ اسلام آباد ۾ پڻ خاص امتحاني مرڪز قائم ڪيو ويو آهي.
امتحان جي پرچي ۾ حياتيات، ڪيمسٽري، فزڪس، انگريزي ۽ آءِ ڪيو بابت سوال شامل هوندا.
سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان سيبا ٽيسٽنگ سروسز تحت ٿيندو، جنهن لاءِ ڪراچي ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي ۽ ڊائو يونيورسٽي ۾ امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.
ان کانسواءِ حيدرآباد، ڄامشورو، لاڙڪاڻو، سکر، ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد ۽ اسلام آباد ۾ پڻ امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.
انتظاميا موجب، امتحاني مرڪزن تي اميدوارن لاءِ ضروري اسٽيشنري ۽ صاف پيئڻ جي پاڻي جو انتظام ڪيو ويندو، جڏهن ته والدين لاءِ پڻ انتظار گاهون قائم ڪيون ويون آهن.
You might also like