رضوان ۽ امام جي موبائل ڊيٽا جي جاچ، اين سي سي آءِ اي مان وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد رضوان ۽ اوپننگ بيٽر امام الحق جي معاملي تي شروعاتي جاچ دوران موبائل فونن مان ڪا به ذڪر جوڳي شيءِ سامهون نه آئي آهي.
محمد رضوان ۽ امام الحق کي قومي سائبر ڪرائم جاچ اداري(اين سي سي آءِ اي) پاڻمرادو نوٽيس تحت طلب ڪيو هو ۽ ٻنهي رانديگرن جا موبائل فون فرانزڪ جاچ لاءِ تحويل ۾ ورتا ويا هئا.
ذريعن موجب، موبائل فونن ۾ موجود پيغامن ۽ رابطن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته وڌيڪ فرانزڪ تجزيو اسلام آباد هيڊڪوارٽرز ۾ جاري آهي. فرانزڪ جاچ دوران مالي ڏيتي ليتي ۽ امڪاني ٽرانزيڪشنز جا تفصيل ڳوليا پيا وڃن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊريسنگ روم ليڪس بابت سوشل ميڊيا تي موجود ڄاڻ به جاچ جو حصو آهي.
رپورٽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي اختيارين ڏانهن اماڻي ويندي، جنهن کانپوءِ پي سي بي رپورٽ جي روشني ۾ رانديگرن بابت فيصلو ڪندو.
ذريعن موجب، امام الحق ۽ محمد رضوان کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، جڏهن ته کين باضابطا سوالنامو ناهي ڏنو ويو.

You might also like