سائنسدانن 25 هزار سال پراڻو نشي جو عادي انسان ڳولي لڌو

گريفٿ يونيورسٽي جي سائنسدانن موجب، انڊونيشيا ۾ رهندڙ هڪ قديم شڪاري ۽ خوراڪ گڏ ڪندڙ انسان برفاني دور جي آخري حصي دوران سوپاريون (بيٽل نٽ) چٻاڙيندو هو.

سوپاريون چٻاڙڻ سان هلڪو نشو ۽ ڦڙتي يا هوشياريءَ جو احساس پيدا ٿيندو آهي ۽ اڄ به ايشيا ۽ پئسفڪ واري علائقي ۾ ان جو وڏي پيماني تي استعمال ٿئي ٿو.

تحقيق جي سربراهه پروفيسر ايڊم برم جو چوڻ هو ته، جيتوڻيڪ اولهندي سماجن ۾ سوپاري بابت تمام گهٽ ڄاڻ آهي، پر اها دنيا ۾ شراب، ڪيفين ۽ نڪوٽين کان پوءِ چوٿين سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ نشي واري شيءِ آهي.

هن وقت تائين عام طور اهو سمجهيو ويندو هو ته انسانن منشيات يا نشي آور شين جو استعمال لڳ ڀڳ 13 هزار سال اڳ، نئين پٿر واري دور (نيوليٿڪ دور) ۾ شروع ڪيو هو.

پر نئين دريافتن منشيات يا نشي آور شين جي استعمال جا قديم ترين ثبوت 10 هزار سالن کان به وڌيڪ پوئتي ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجي تحقيق دوران ماهرن انڊونيشيا جي سولاويسي ٻيٽ تي قديم زماني جي ٻن شڪارين ۽ خوراڪ گڏ ڪندڙ انسانن جا ڍانچا دريافت ڪيا.

انهن مان هڪ جو تعلق 25 هزار کان 16 هزار سال اڳ واري دور سان هو، جڏهن ته ٻيو ماڻهو 7600 کان 6300 سال اڳ واري زماني سان واسطو رکندڙ هو.

ٻنهي ماڻهن جي ڏندن تي تمام غير معمولي گيسي/ڳار/رڳڙ جا نشان مليا، جن ۾ ڏندن تي گهرا ۽ گول شڪل وارا نشان پڻ شامل هئا.

You might also like