اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ نرسري ۾ باهه لڳڻ واري واقعي بابت وزيراعظم شهباز شريف پاران جوڙيل ڪميٽي جي جاچ رپورٽ سامهون اچي وئي آهي.
جاچ رپورٽ ۾ نرسري ۾ باهه لڳڻ جو سبب برقي خرابي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڪميٽي واقعي کي پمز انتظاميا جي ناڪامي قرار ڏنو آهي.
رپورٽ موجب، اي سي نمبر 2 جي بجلي فراهم ڪندڙ ڪيبل مان باهه لڳڻ جو قوي امڪان آهي، جڏهن ته تخريبڪاري يا آئيسڪو جي فالٽ جا ڪي به ثبوت نه مليا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آڪسيجن ليڪيج يا انڪيوبيٽر مان باهه لڳڻ جا به ڪي ثبوت ناهن مليا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته باهه لڳڻ کانپوءِ فرنٽ لائين عملي شروعاتي لمحن ۾ فوري ڪارروائي ڪئي، جڏهن ته ڪنهن به شخص خلاف مجرماڻي ڏوهه ثابت نه ٿيو.
جاچ رپورٽ موجب، نرسري ۾ پاڻمرادو دونهين جي سڃاڻپ ۽ الارم جو اثرائتو نظام موجود نه هو، 6 جولاءِ تي نرسنگ هاسٽل ۾ لڳل باهه به انتظامي خاميون سامهون آنديون هيون، پر اڳوڻين فائر سيفٽي وارننگز تي عملدرآمد نه ڪيو ويو.
رپورٽ موجب، واقعي وقت نرسري ۾ 15 تازن ڄاول ٻار علاج هيٺ هئا، جن مان 14 فوت ٿي ويا، نرسري ۾ گنجائش کان وڌيڪ ٻار داخل هئا ۽ 10 بسترن واري يونٽ ۾ 15 تازن ڄاول ٻارن جو علاج جاري هو.
ڪميٽي موجب، نومولود ٻارن جون فوتگيون رڳو حفاظتي نظام جي ناڪامي سبب نه، پر ڪيترن ئي ڪمزور حفاظتي قدمن جي نتيجي ۾ ٿيون.
ڪميٽي رپورٽ ۾ برقي تنصيب، هنگامي رستن ۽ اڳوڻين وارننگز بابت وڌيڪ جاچ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پمز اسپتال ۾ فوري طور فائر، لائف سيفٽي ۽ برقي نظام جو آڊٽ ڪرائڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ تازن ڄاول ٻارن لاءِ خاص هنگامي منتقلي جا ايس او پيز تيار ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته فائر ڊٽيڪشن، الارم ۽ هنگامي نڪرڻ وارو نظام فوري طور فعال ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي.
”اڳواٽ وارننگ به هئي، پوءِ به قدم نه کنيا ويا“، پمز سانحي جي جاچ رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف
You might also like