بِنا ٻانهنُ وارو دنيا جو پهريون ريسنگ ڊرائيور، معذوري کي مات ڏيندڙ حوصلي کي سلام!

اڄ توهان23 ورهين جي ڪلوم سمٿ سان ملو، جيڪو دنيا جو پهريون ۽ هن وقت واحد ريسنگ ڊرائيور آهي، جيڪو هٿن کانسواءِ گاڏي ڊوڙائي ٿو.

هو پنهنجن پيرن سان گاڏي هلائي ٿو ۽ سندس خواب فرانس ۾ ٿيندڙ مشهور اسپورٽس ڪار ريس ”لي مانز“ ۾ حصو وٺڻ آهي.

ڪلوم سمٿ ڄميو ئي هٿن کانسواءِ هو، پر هو ريسنگ ٽريڪ تي گاڏي 110 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙائي چڪو آهي. هو خاص ٺهيل هڪ پليٽ جي مدد سان پيرن وسيلي اسٽيئرنگ سنڀاليندو آهي.

انگلينڊ جي هڪ ڪمپني ۾ مالي معاملن جي مددگار طور ڪم ڪندڙ ڪلوم سمٿ کي پهريون ڊرائيونگ معاهدو ملي ويو آهي ۽ هو ٽيم برٽ جو حصو بڻجي چڪو آهي.

هو ٻنهي هٿن کان محروم هجڻ باوجود ريسنگ مقابلن ۾ حصو وٺندڙ دنيا جو پهريون ڪار ريسنگ ڊرائيور بڻجي ويو آهي.

ڪلوم سمٿ کي ٻن ورهين جي عمر ۾ ريسنگ سان دلچسپي تڏهن پيدا ٿي، جڏهن هن پنهنجي ڏاڏي سان گڏ موٽرسائيڪل ريس ڏٺي. هن جولاءِ 2025ع ۾ پنهنجو پهريون ريسنگ ٽريڪ ڏينهن مڪمل ڪيو، جڏهن ته اپريل 2026ع ۾ 3.66 سرڪٽ 100 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان مڪمل ڪيو.

هن لاءِ خاص اسٽيئرنگ پليٽ جم ڊوران هينڊ ڪنٽرولز تيار ڪئي. ڪلوم جو کاٻو پير اسٽيئرنگ پليٽ کي ڦيرائي ٿو، جڏهن ته ساڄو پير گاڏي جي رفتار وڌائڻ ۽ بريڪ لڳائڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو.

ڪلوم سمٿ کي اميد آهي ته هو جلد ئي مڪمل ريسنگ لائسنس حاصل ڪري وٺندو.

You might also like