وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن دوران وزيراعظم سعودي عرب تي حوثين جي حملن جي مذمت ڪئي.
وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم سعودي عرب جي شهري ۽ معاشي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪندي سعودي قيادت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم چيو ته حوثين جون ڪارروايون علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن، اهي ڪارروايون عالمي معيشت ۽ توانائي جي فراهمي ۾ خلل جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم سان گڏجي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا.
وزيراعظم موجوده بحران دوران دانشمنداڻي ۽ دور انديش قيادت تي سعودي ولي عهد کي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.
بيان موجب سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سعودي عرب لاءِ پاڪستان جي لاڳيتو ۽ ثابت قدم حمايت، ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.