ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جو محافظ شيرا جي نالي سان مشهور گرمِت سنگهه جولي جو پٽ ابير سنگهه جلد ئي فلمي دنيا ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو.
ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان جي ڊگهي عرصي کان محافظ طور خدمتون انجام ڏيندڙ گرمِت سنگهه جولي جي پٽ ابير سنگهه جلد هندي فلمي صنعت ۾ قدم رکي سگهي ٿو.
ميڊيا رپورٽن موجب ابير سنگهه جي فلمي دنيا ۾ اچڻ بابت ڪيترن ئي سالن کان خبرون گردش ۾ هيون.
فلم فيئر جي هڪ رپورٽ موجب ابير سنگهه فلم ”ٽارزن“ ذريعي اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکندو، جڏهن ته اداڪار سورج پنچولي به هن فلم ۾ شامل هوندو.
ميڊيا رپورٽن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هن وقت فلم بابت تفصيل محدود آهن، جڏهن ته اهو به واضح ناهي ٿيو ته سلمان خان فلم جي تياري ڪندو يا ڪنهن ٻئي حيثيت سان ان سان لاڳاپيل هوندو.