ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحدا قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي چيئرمين خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان هجرت ڪري قائداعظم جي پاڪستان ۾ آيا هئاسين، پر اسان کي ڀٽو جي پاڪستان ۾ ڦٽو ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته ڌرتي ماءُ رڳو پاڪستان آهي، جڏهن ته صوبا رڳو انتظامي يونٽ آهن، ان کان وڌيڪ انهن جي ڪا حيثيت ناهي.
هن چيو ته سنڌ جي شهري علائقن جو سڀ کان وڌيڪ استحصال ٿيو آهي، اي پي ايم ايس او جي منشور ۾ صوبي جو ذڪر هو، پر هاڻي اها سڄي ملڪ جي آواز بڻجي چڪي آهي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو پهريون مطالبو آهي ته سڄي ملڪ ۾ آبادي جي لحاظ کان صوبا قائم ٿيڻ گهرجن.
خالد مقبول صديقي چيو ته ”توهان اسان کي پنهنجو صوبو ڏئي ڇڏيو، آرٽيڪل 140-اي اسان پاڻ لاڳو ڪري ڇڏينداسين.“
هن دعويٰ ڪئي ته کين سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌو ديش خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي.
هن وڌيڪ چيو ته اڄ صوبا ڇو هجڻ گهرجن، ان لاءِ ڊگهي دليل ڏيڻ جي ضرورت ناهي.
خالد مقبول صديقي ورجائيندي چيو ته ”اسان هجرت ڪري قائداعظم جي پاڪستان ۾ آيا هئاسين، اسان کي ڀٽو جي پاڪستان ۾ ڌڪي ڦٽو ڪيو.“
اسان قائداعظم جي پاڪستان ۾ هجرت ڪري آيا هئاسين، اسان کي ڀٽو جي پاڪستان ۾ ڦٽو ڪيو ويو: خالد مقبول
You might also like