بصر، پيٽرول ۽ ايل پي جي جا اگهه آسمان تي، هفتيوار مهانگائي 8.62 سيڪڙو وڌي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هلندڙ هفتي دوران هفتيوار مهانگائي ۾ سالياني بنيادن تي 8.62 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس (پي بي ايس) طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب، هلندڙ هفتي دوران گذريل سال جي ساڳئي هفتي جي ڀيٽ ۾ بصرن جي قيمت ۾ 125.52 سيڪڙو، ايل پي جي ۾ 55.42 سيڪڙو، ڊيزل ۾ 45.26 سيڪڙو ۽ پيٽرول جي اگهه ۾ 39.10 سيڪڙو واڌ ٿي.
اهڙيءَ ريت ڪڻڪ جي اٽي جي قيمت ۾ 30.18 سيڪڙو، پهرين ٽه ماهي جي بجلي جي اگهن ۾ 25.24 سيڪڙو، پيٺل مرچن ۾ 16.37 سيڪڙو، ٻاڪَري جي گوشت ۾ 15.92 سيڪڙو، گوشت ۾ 13.28 سيڪڙو، ڪيلن ۾ 10.51 سيڪڙو، تازي کير ۾ 8.12 سيڪڙو ۽ سادي ڊبل روٽي جي قيمت ۾ 8.09 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
هلندڙ هفتي دوران ڪجهه شين جي اگهن ۾ لاٿ پڻ رڪارڊ ڪئي وئي.
انگن اکرن موجب، پٽاٽن جي قيمت ۾ 35.21 سيڪڙو، ڪڪڙ جي گوشت ۾ 24.30 سيڪڙو، کنڊ ۾ 20.88 سيڪڙو، آنن ۾ 19.95 سيڪڙو، ٽماٽن ۾ 17.65 سيڪڙو، لوڻ ۾ 13.96 سيڪڙو، چڻن جي دال ۾ 13.52 سيڪڙو ۽ مهري جي دال ۾ 12.26 سيڪڙو لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي.

You might also like