حوثي باغين باب المندب جي اهم ٻيٽ ميون تي قبضو ڪري ورتو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) يمن جي حوثي باغين باب المندب جي سامونڊي لنگهه جي اهم ٻيٽ ميون تي قبضو ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي اکين ڏٺن شاهدن ۽ مقامي سرڪاري اهلڪار جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته حوثين پيريم ٻيٽ، جنهن کي ميون پڻ چيو وڃي ٿو، جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي.
مقامي سرڪاري اهلڪار اي ايف پي کي ٻڌايو ته سرڪاري فورسز جي واپسي کان هڪ ڏينهن پوءِ هٿياربند حوثي باغين کي کڻي ايندڙ ٻيڙيون ميون ٻيٽ تي پهتيون.
ان کان اڳ رائٽرز به يمن جي حڪومتي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو هو ته سرڪاري فورسز ميون ٻيٽ مان نڪري ويون آهن.
ميون ٻيٽ، جنهن کي باب المندب ٻيٽ به چيو ويندو آهي، سامونڊي لنگهه جي وچ ۾ موجود آهي ۽ ان کي ٻن سامونڊي رستن ۾ ورهائي ٿو.
ان کان اڳ اهڙيون رپورٽون به سامهون آيون هيون ته حوثين يمن جي سامونڊي شهر ذباب تي پڻ ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي.
اهڙي صورتحال ۾ باب المندب جي سامونڊي لنگهه تي حوثين جو ڪنٽرول لڳ ڀڳ مڪمل ٿي ويو آهي، جڏهن ته هي سامونڊي رستو سعودي عرب جي تيل جي برآمد لاءِ انتهائي اهم سمجهيو وڃي ٿو.
ايراني حمايت يافته حوثين گذريل هفتي عالمي طور تي تسليم ٿيل يمن جي حڪومتي فورسز خلاف وڏي پئماني تي ڪارروايون شروع ڪيون هيون.
ٻئي پاسي حوثين سان لاڳاپيل ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب طرفان درجنين هوائي حملا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته تازن حملن دوران المخا ايئرپورٽ کي ٻه ڀيرا نشانو بڻايو ويو.
المخا بندرگاهه به ويجهڙائي ۾ حوثين جي قبضي هيٺ اچي چڪي آهي.

You might also like