27 سيپٽمبر احتجاج کان اڳ سياسي سرگرميون تيز، وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر جي ملاقات لاءِ رابطا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن جماعتن 27 سيپٽمبر جي احتجاج جون ڀرپور تياريون ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جڏهن ته ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي سمورين سياسي جماعتن سان رابطا ڪرڻ ۽ جلد آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.
محمود خان اچڪزئي جي صدارت هيٺ اپوزيشن اڳواڻن جو اهم اجلاس سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر علامه راجا ناصر عباس جي چيمبر ۾ ٿيو، جنهن ۾ بئريسٽر گوهر خان، بئريسٽر سلمان اڪرم راجا، اسد قيصر ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران 27 سيپٽمبر جي احتجاج بابت اپوزيشن اڳواڻن تفصيلي صلاح مشورو ڪيو ويو، محمود خان اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر عباس تحريڪ انصاف کي احتجاج لاءِ ڀرپور تياري ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اپوزيشن ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي سمورين سياسي جماعتن سان رابطا ڪرڻ ۽ جلد آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن ۾ ملڪي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو.
ان دوران تحريڪ تحفظ آئين جو اجلاس 15 سيپٽمبر تي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو ويندو.
ٻئي پاسي وزيراعظم جي خط کانپوءِ اپوزيشن ليڊر ۽ وزيراعظم جي آفيسن وچ ۾ رابطن جي شروعات ٿي وئي آهي، جڏهن ته اپوزيشن ليڊر ۽ وزيراعظم وچ ۾ ملاقات طئي ڪرڻ لاءِ به مشاورت جاري آهي.
چيئرمين پي ٽي آءِ بيرسٽر گوهر علي اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر علامه راجا ناصر عباس پڻ شريڪ ٿيو.
ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال ۽ تحريڪ انصاف جي مارچ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ذريعن موجب، پاڪستان تحريڪ انصاف جو وفد اڄ منجهند 3 وڳي جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات لاءِ سندس رهائشگاهه پهچندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جو وفد ملاقات دوران مولانا فضل الرحمان کي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندو.

You might also like