الجزائر پنهنجون هوائي حدون اماراتي جهازن لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
الجزائر جي بچاءَ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ اماراتي جهازن لاءِ ملڪي فضائي حدون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب، الجزائر پاران گڏيل عرب امارتن سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ کانپوءِ اماراتي جهازن لاءِ هوائي حدون بند ڪيون ويون آهن.
الجزائر جي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته الجزائر مان ايندڙ ۽ ويندڙ اماراتي ڪمرشل اڏامون سال جي پڄاڻي تائين جاري رهنديون.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اماراتي ڪمرشل اڏامن بابت الجزائر جو موجوده معاهدو سال جي آخر ۾ ختم ٿي ويندو.
الجزائر سفارتي لاڳاپا ختم ٿيڻ کانپوءِ امارتي جهازن لاءِ پنهنجون هوائي حدون به بند ڪري ڇڏيون
You might also like