ڪراچي مان رينجرز نه ويندي! سنڌ حڪومت طرفان مقرري ۾ هڪ سال واڌ جي تياري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت طرفان اسيمبلي ۾ رينجرز جي مقرري جي مدي ۾ هڪ سال واڌ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو.
ٺهراءَ موجب رينجرز جي مقرري جو مدو 20 جولاءِ 2026ع کان وڌائي 19 جولاءِ 2027ع تائين ڪرڻ جي تجويز ڏني ويندي.
ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ اسٽريٽ ڪرائم ۾ گهٽتائي رينجرز جي آپريشنز جو نتيجو آهي، جڏهن ته پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ روپوش جوابدارن جون سرگرميون اڃا تائين سيڪيورٽي لاءِ خطرو بڻيل آهن.
متن موجب، شهر جي امن، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ رينجرز جي موجودگي ضروري آهي. پوليس سان گڏ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشنز ۾ پڻ رينجرز اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

You might also like