ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعن خاران ۽ واشڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 11 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، 6 ۽ 7 سيپٽمبر تي خاران ۽ واشڪ ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڪارروائيون ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر موجب، 6 سيپٽمبر تي دهشتگردن خاران ۾ روڊ بلاڪ ڪري ٽريفڪ معطل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي سيڪيورٽي فورسز فوري ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جو گهيرو ڪيو. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا.
ترجمان موجب، 7 سيپٽمبر تي واشڪ جي علائقي ۾ به دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ وڌيڪ 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، ڪارروائين دوران 2.9 ٽن بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو، جيڪو ديسي جا بم تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پئي ويو.
You might also like