اميشا ۽ پانڊيا ۾ رومانوي لاڳاپا؟ اداڪارا به خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا اميشا پٽيل ڀارتي ڪرڪيٽر هاردڪ پانڊيا سان پنهنجي مبينا رومانوي لاڳاپن بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ افواهن تي واهپيدارن کي ست سريون ٻڌائي ڇڏيون.
اميشا پٽيل ۽ هاردڪ پانڊيا کي ويجهڙ ممبئي جي تاج محل پئلس ۾ هڪ خانگي تقريب دوران گڏ ڏٺو ويو، جتي اداڪارا ڪرڪيٽر کي پنهنجي ڪجهه دوستن سان متعارف ڪرائيندي نظر آئي.
تقريب دوران ٻنهي جي گڏ هئڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، جنهن تي هڪ واهپيدار دعويٰ ڪئي ته اميشا جو هاردڪ جي ڪلهي تي هٿ رکڻ ٻنهي وچ ۾ مبينا رومانوي لاڳاپن جي نشاني آهي.
اميشا پٽيل ان پوسٽ جو اسڪرين شاٽ پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي شيئر ڪندي طنزيه انداز ۾ جواب ڏنو ته ”ها، اهو واقعي تمام رومانوي انداز هو، جو مون هاردڪ جي ڪلهي تي هٿ رکيو هو.“
اداڪارا چيو ته هوءَ ان واهپيدار کي سڃاڻي ئي نٿي ۽ لڳي ٿو ته شايد ان همراهه جي ڪا گرل فرينڊ به ناهي، تنهنڪري دوستن وچ ۾ ٿيندڙ هڪ عام ملاقات کي به رومانوي رنگ ڏئي رهيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، هاردڪ پانڊيا هن وقت ماڊل ماهيڪا شرما سان مبينا رومانوي لاڳاپن ۾ آهي، جڏهن ته ان کان اڳ هو اداڪارا نتاشا اسٽينڪووچ سان شادي ڪئي هئي، جڏهن ته هاڻ ٻنهي ۾ طلاق ٿي چڪي آهي ۽ سندن هڪ پٽ به آهي.

You might also like