غلام قادر چانڊيو محسن نقوي کي سنڌ اچڻ تي گرفتاري ڪرڻ مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پ پ جي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي سنڌ آمد تي کيس گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
سنڌ اسيمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي غلام قادر چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ نوان صوبا يا انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي ڳالهه ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.
هن چيو ته سنڌ جي وحدت ۽ حقن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ٿيندي. سنڌ جي حوالي سان ڪنهن به فيصلي ۾ سنڌ جي عوام ۽ سنڌ اسيمبلي جي راءِ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

You might also like