ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا آسٽريليا خلاف هوم ون ڊي سيريز لاءِ مضبوط 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪپتان ٽيمبا باووما، ڊيوڊ ملر ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ کي شامل ڪيو ويو آهي.
ڏکڻ آفريڪا طرفان اعلانيل اسڪواڊ ۾شامل ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ ۽ ڊيوڊ ملر ٻئي هن وقت سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو حصو ناهن، ٻئي رانديگر 2026 واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي نمائندگي ڪري چڪا آهن ۽ فرنچائز ڪرڪيٽ به کيڏي رهيا آهن.
ان کانسواءِ فاسٽ بالر جيرالڊ ڪوئٽزي جي 2023 واري ون ڊي ورلڊ ڪپ کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا لاءِ ڪا به ون ڊي ميچ نه کيڏي سگهيو آهي. گذريل ٽن سالن دوران مختلف انجريز سبب ڪرڪيٽ کان پري رهندڙ ڪوئٽزي تازو ڏکڻ آفريڪا اي ۽ بنگلاديش اي خلاف ميدان تي لٿو هو.
ڪگيسو ربادا هيمسٽرنگ انجري سبب آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ناهي. جڏهن ته اينرچ نورٽجي کي به ون ڊي اسڪواڊ لاءِ غور هيٺ نه آندو ويو، ڇو ته ڪوچ شڪري ڪونراڊ موجب هن وقت تائين هن گهڻي ڪرڪيٽ ناهي کيڏي.
ون ڊي سيريز لاءِ نوجوان بيٽر ڊيولڊ بريوس کي به شامل نه ڪيو ويو آهي، هو آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز بدران فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏي ٽيسٽ سيزن جي تياري ڪندو.
ايڊن مارڪرم آسٽريليا خلاف سيريز جي ٻي ۽ ٽِين ون ڊي لاءِ دستياب هوندو، جڏهن ته ريان ريڪلٽن ۽ ٽرسٽن اسٽبس به اسڪواڊ ۾ شامل آهن.
ميٿيو بريٽزڪي کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪوربن بوش به اسڪواڊ جو حصو آهي، ٻئي رانديگر نميبيا خلاف سيريز لاءِ چونڊيل رانديگرن ۾ شامل هئا، پر لوان-ڊري پريٽوريس ۽ اينڊلي سميلي جي انجري سبب کين متبادل طور موقعو ڏنو ويو.
آسٽريليا خلاف ڏکڻ آفريڪا جي ون ڊي سيريز 2027 جي ورلڊ ڪپ جي تيارين جي حوالي سان اهم قرار ڏني پئي وڃي.
ٽيم انتظاميا موجب، سيريز دوران رانديگرن جي ميلاپ ۽ مختلف پوزيشنن لاءِ موجود آپشنز کي آزمايو ويندو.
آسٽريليا خلاف ڏکڻ آفريڪا جو ون ڊي اسڪواڊ:
ٽيمبا باووما (ڪپتان)، اوٽنيئل بارٽمين، ڪوربن بوش، ميٿيو بريٽزڪي، جيرالڊ ڪوئٽزي، ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ، ٽوني ڊي زورزي، بيورن فورٽن، مارڪو يانسن، ڪيشو مهاراج، ڪوينا مافاڪا، ايڊن مارڪرم، ڊيوڊ ملر، لونگي نگيڊي، ريان ريڪلٽن ۽ ٽرسٽن اسٽبس شامل آهن.
آسٽريليا خلاف ڏکڻ آفريڪي ٽيم جو اعلان ، جيرالڊ ڪوئٽزي جي ٽن سالن بعد واپسي، ڊي ڪاڪ ۽ ملر به شامل
You might also like