فاطمه ثناءَ جو شيفالي ورما کي ” هَل نِڪُر هتان“ وارو اشارو ڳچي ۾ پئجي ويو، آءِ سي سي جي سزا

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان فاطمه ثناءَ کي ڀارت خلاف وومينز ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ جي ميچ دوران شيفالي ورما کي آئوٽ ڪرڻ کانپوءِ ” سينڊ آف“ اشارو ڪرڻ تي ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ مڙهي هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ به ڏني وئي آهي.
ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، آءِ سي سي طرفان قرار ڏنو ويو آهي ته اِهو 24 مهينن دوران فاطمه ثناءَ جو ٻيو ڏوھه آهي، جنهن کانپوءِ سندس ڊسيپلينري رڪارڊ ۾ ڊي ميرٽ پوائنٽن جو انگ 2 ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته اهو واقعو ڀارت جي اننگز جي ٻئي اوور دوران پيش آيو، جڏهن شيفالي ورما فاطمه ثناءَ جي بال تي ڪيچ ڏئي ويٺي.
فاطمه ثناءَ ڪيچ وٺڻ کانپوءِ جشن دوران ڀارتي بيٽر کي پويلين ڏانهن اشارو ڪيو، جنهن تي ميچ ريفري سندس خلاف ڪارروائي ڪئي.
آن فيلڊ امپائرز نمالي پريرا ۽ شثيرا ذاڪير جيسي، ٿرڊ امپائر رُقيه سلطانه ۽ فورٿ امپائر رباب احسن فاطمه ثناءَ تي ضابطي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳايو، جڏهن ته فاطمه ثناءَ ميچ ريفري سپريا راني داس سان ملاقات دوران پنهنجي غلطي قبول ڪري ورتي.
فاطمه ثناءَ تي آءِ سي سي جي پليئرز ۽ ميچ آفيشلز جي ضابطي جي آرٽيڪل 2.5 تحت ڪارروائي ڪئي وئي، جيڪو انٽرنيشنل ميچ دوران ڪنهن بيٽر جي آئوٽ ٿيڻ تي اهڙا لفظ، عمل يا اشارمن بابت آهي، جيڪي بيٽر جي توهين ڪن يا جارحاڻي ردعمل تي ڀڙڪائن.
ياد رهي ته ڀارتي وومينز ايشيا ڪپ جي رائونڊ ميچ پاڪستان کي 7 وڪيٽان تان شڪست ڏني هئي.
پاڪستان جي ٽيم پهريان کيڏندي 55 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي، جڏهن ته ڀارت جون ٽئي وڪيٽون فاطمه ثناءَ ورتيون هيون.
پاڪستان ٻن ميچن مان هڪ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي گروپ جي آخري ميچ سومر جي شام هانگ ڪانگ خلاف کيڏندو، جڏهن ته ڀارت گروپ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪو آهي.

 

You might also like