نوان صوبا ٺاهڻا آهن ته شروعات اسلام آباد کان ڪريو، حامد مير جو حڪمرانن کي مشورو

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار حامد مير چيو آهي ته ملڪ ۾ نئين نظام جي ضرورت بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پر جيڪڏهن 1973ع جي آئين تي عملدرآمد ۽ ملڪ ۾ رول آف لا قائم ڪيو وڃي ته موجوده نظام ئي ڪاميابي سان هلي سگهي ٿو.
حامد مير چيو ته نئون نظام آڻڻ کان پوءِ جيڪڏهن نئين آئين تي به عملدرآمد نه ڪيو ويو ته صورتحال ٻيهر ساڳي ٿيندي، جيڪا هن وقت ملڪ ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. پهرين ڳالهه اها آهي ته ملڪ وٽ هڪ آئين موجود آهي، تنهن ڪري جيڪي به فيصلا ڪرڻا آهن، اهي آئين جي دائري اندر رهندي ڪيا وڃن.
هن چيو ته نون صوبن ۽ اختيارن جي ورڇ جي مخالفت ڪندڙن کان اهو سوال ٿيڻ گهرجي ته اهي هاڻي نون صوبن جي مخالفت ڇو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ماضي ۾ اهي ئي نون صوبن جي جوڙڻ جي حمايت ڪندا رهيا آهن.
حامد مير موجب، پنجاب اسيمبلي بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب صوبن جي حق ۾ ٺهراءَ منظور ڪري چڪي آهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا اسيمبلي هزارا صوبي جي حق ۾ قرارداد منظور ڪئي هئي.
پر هاڻي پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) چوي ٿي ته نوان صوبا نه ٺاهيا وڃن، پهريان سنڌ کي ورهايو وڃي، جڏهن ته خيبر پختونخوا ۾ پي ٽي آءِ به هزارا صوبي بابت پنهنجي پراڻي موقف کان پوئتي هٽي وئي آهي.
هن چيو ته سياستدانن جي يوٽرن جا ڪيترائي سبب آهن، محمد احمد خان صحيح نشاندهي ڪئي ته اسيمبلين جا رولز آف بزنس هڪ فراڊ آهن، تنهن ڪري جيڪڏهن 1973ع جي آئين کي ڪامياب بڻائڻو آهي ته اهو فراڊ ختم ڪرڻو پوندو، ڇو ته 1973ع جو آئين ئي ملڪ جو واحد متفقه دستاويز آهي، نئون آئين ٺاهڻ تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ڏکيو آهي.
سينيئر صحافي چيو ته 1973ع جي آئين اندر ئي نون صوبن جي قيام جو رستو موجود آهي ۽ ملڪ ۾ چار کان اٺ صوبن تائين ٺاهڻ ممڪن آهي، سوال اهو آهي ته بلدياتي حڪومتن جو نظام پنج مختلف قانونن تحت آزمايو ويو، پر اهو ڪامياب ڇو نه ٿي سگهيو؟
حامد مير چيو ته پاڪستان جي حڪمران اشرافيه کي خدشو آهي ته ملڪ ۾ به ڪو زهران ممداني يا صادق خان پيدا نه ٿي وڃي. جيڪڏهن پڙهيل لکيل وچولي طبقي جا نوجوان مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺن، ڪائونسلر بڻجن ۽ اڳتي هلي ميئر بڻجي وڃن ته اهي زهران ممداني ۽ صادق خان کان به بهتر ميئر ثابت ٿي سگهن ٿا.
هن چيو ته پنجاب لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2025ع ۾ پنجاب اسيمبلي لاهور جي ميئر جو عهدو ئي ختم ڪري ڇڏيو، جيئن ڪو زهران ممداني يا صادق خان پيدا نه ٿي سگهي، اهڙي طرح ڪو طيب اردگان به سامهون نه اچي، جيڪو پهريان استنبول جو ميئر بڻيو ۽ پوءِ ترڪي جو وزيراعظم ۽ صدر بڻيو.
حامد مير موجب، حڪمران اشرافيه پڙهيل لکيل وچولي طبقي جي نوجوانن کان ڊنل آهي، ان ڪري مڪاني ادارن تي بيوروڪريسي جو ڪنٽرول قائم ڪيو وڃي ٿو.
هن چيو ته هر شيءِ خراب ناهي، ڪجهه سٺيون شيون به آهن. ساڳئي پارٽي جي حڪومت ۽ ساڳئي پارٽي جي وزيراعليٰ جي دور ۾ 2022ع جي پنجاب لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ميئر ۽ ضلعي ڪائونسل جي عهدن جي گنجائش موجود هئي.
حامد مير چيو ته هڪ طرف پنجاب اسيمبلي مان شهباز شريف وڏي وزير ۽ راڻا ثناءُالله صوبائي وزير طور بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب صوبن جي قيام لاءِ قراردادون منظور ڪرائيندا رهيا، پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ موقف تبديل ڪيو ويو.
هن چيو ته اڳ خيبر پختونخوا ۾ مسلم ليگ (ن)، پي ٽي آءِ، پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي سميت سڀئي پارٽيون هزارا صوبي جي حمايت ڪنديون هيون، پر هاڻي چيو پيو وڃي ته هزارا صوبو نه بڻايو وڃي.
حامد مير چيو ته جيڪڏهن چار کان اٺ نوان صوبا نٿا ٺهن ته گهٽ ۾ گهٽ اسلام آباد کي صوبو ته بڻائي سگهجي ٿو.
هن چيو ته هن پهرين سيشن ۾ به ٻڌايو هو ته هن ٻه مختلف ڊرافٽ ڏٺا آهن، هڪ وزيراعظم جي قائم ڪيل ڪميٽي جون سفارشون ۽ ٻيو سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن انٽيريئر طرفان منظور ڪيل ڊرافٽ.
هن چيو ته اسلام آباد ۾ به ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن نٿي چاهي وڃي، جيئن اتي به ڪو زهران ممداني يا صادق خان پيدا نه ٿي سگهي.
احسن اقبال سان ٿيل بحث جو ذڪر ڪندي حامد مير چيو ته هن احسن اقبال کان سوال ڪيو ته توهان ته محسن نقوي کان به گهڻو اڳ 19 صوبن جي قيام بابت مضمون لکيو هو، پوءِ اسلام آباد ۾ هڪ ماڊل صوبو ٺاهي ٻين ماڻهن کي ڇو نٿا متاثر ڪريو؟
حامد مير موجب، احسن اقبال جواب ڏنو ته ڳالهه درست آهي، پر اڃا اهو فيصلو ناهي ٿيو ته اسلام آباد اسيمبلي جو سربراهه ميئر هوندو يا وڏو وزير، ڇو ته اسلام آباد ۾ ڪجهه مسئلا آهن، جتي ڌرڻا ٿيندا رهندا آهن ۽ وفاقي حڪومت جو به ڪنٽرول هجڻ گهرجي.
حامد مير چيو ته لنڊن جي مثال ڏني وڃي ٿي ته اتي ميٽروپوليٽن پوليس وفاقي حڪومت جي ماتحت آهي، پر صرف اها مثال ڇو ڏني وڃي جيڪا اوهان کي سوٽ ڪري؟ برلن به هڪ وڏو شهر آهي ۽ اتي پوليس برلن جي مقامي حڪومت جي ماتحت آهي، جڏهن ته جرمني جو نظام به بهتر نموني هلي رهيو آهي.
هن چيو ته نون صوبن جو تصور صرف ان لاءِ پيش نه ڪيو وڃي ته ان مان حڪمرانن کي فائدو ٿئي، پر عوام جي فائدي کي نظر ۾ رکيو وڃي.
حامد مير موجب، هن وقت مسلم ليگ (ن) آئين جي آرٽيڪل 239 جي شق 4 تحت پنجاب ۾ ٻه نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي چوي ٿي ته سنڌ ۾ نئون صوبو نه بڻجڻ ڏينداسين. جيڪڏهن ائين آهي ته اسلام آباد کي نئون صوبو بڻائڻ کان اوهان کي ڪنهن روڪيو آهي؟
هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اسلام آباد ۾ صوبو ٺاهيو وڃي، پر کيس خبر آهي ته سي ڊي اي به چاهي ٿي ته موجوده نظام ختم نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته چيئرمين سي ڊي اي ئي اڪثر چيف ڪمشنر اسلام آباد پڻ هوندو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ نوان صوبا يا نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻا آهن ته ان ڪم جي شروعات گادي واري شهر اسلام آباد کان ڪئي وڃي.
حامد مير چيو ته اسلام آباد ۾ دل وڏو ڪري صوبو ٺاهيو، اتي وڏو وزير يا ميئر مقرر ڪيو، جيئن ٻين وڏن شهرن جو عوام به چئي ته اسان کي به اهڙو انتظامي يونٽ يا صوبو گهرجي، جهڙو اسلام آباد ۾ ٺاهيو ويو آهي.
هن اِهو به چيو ته 1973ع جي آئين ۾ ملڪ جي هر مسئلي جو حل موجود آهي، پر حڪمران ان آئين تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، آئين جي پنهنجي مرضي واري هڪ شق تي عملدرآمد ۽ باقي شقن کي نظرانداز ڪرڻ سان ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي.
حامد مير چيو ته پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته 1973ع جي آئين تي مڪمل طور عملدرآمد ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن نئون آئين ٺاهيو ويو ته ان تي اتفاق راءِ پيدا نه ٿي سگهندو ۽ ملڪ ۾ هڪ نئين تڪرار ۽ فساد جو بنياد پئجي سگهي ٿو.

You might also like