خانيوال(ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 15 صوبا ٺاهڻ جو حڪومتي فيصلو غلط آهي.
خانيوال ۾ جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ علامه اڪرام القادري جي عيادت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان جي آئين جو مذاق بڻايو پيو وڃي.
هن چيو ته 2 صوبا سڙي رهيا آهن، حڪومت نون صوبن جي ڳالهه ڪري رهي آهي، جڏهن ته حڪومت عوام جو اعتماد مڪمل طور وڃائي چڪي آهي، 15 صوبا ٺاهڻ جو حڪومتي فيصلو غلط آهي، ان کان اڳ فاٽا جي ضم ٿيڻ وارو فيصلو به بدترين ثابت ٿي چڪو آهي.
مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف سان ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، اسيمبلي ۾ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪنداسين.
Prev Post
You might also like