سنڌ ۾ ڇتن ڪتن جو وڌندڙ آزار هاڻي رڳو هڪ شهري مسئلو نه رهيو آهي، پر اهو انساني زندگين، صحت جي نظام ۽ مقامي انتظاميا جي ڪارڪردگيءَ بابت هڪ سنگين سوال بڻجي چڪو آهي. شهرن، ڳوٺن، واڻن، وستين، واهن جي ڪنارن، ٻهراڙين ۽ جهنگ جھر ۾ ڪتن جون لوڌيون نظر اچن ٿيون. ٻار اسڪول وڃڻ وقت خوف ۾ مبتلا آهن، عورتون ۽ پوڙها گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان ڪيٻائن ٿا، جڏهن ته پورهيت ۽ هاري روزاني ڪم ڪار دوران ڪتن جي حملن جو خطرو برداشت ڪن ٿا. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڪتي جي ڏاڙهڻ کان پوءِ به جڏهن ماڻهو سرڪاري اسپتالن مان اينٽي ريبز ويڪسين جا مقرر ڊوز وٺن ٿا، تڏهن به مختلف علائقن مان ڪجهه ماڻهن جي ريبز سبب فوت ٿيڻ جون خبرون سامهون اچي رهيون آهن. ميڊيڪل جي دنيا ۾ اهو سوال انتهائي اهم آهي ته جيڪڏهن جديد طبي سائنس وٽ ريبز کان بچاءَ لاءِ انتهائي اثرائتي ويڪسين موجود آهي، ته پوءِ ويڪسين وٺڻ باوجود ڪجهه ماڻهو ريبز جو شڪار ڇو ٿي رهيا آهن؟ان ئي سوال جي جواب لاءِ مون مختلف علائقن جي ڪجهه سينئر ڊاڪٽرن سان رابطو ڪيو ۽ انهن کان اهڙن ڪيسن بابت طبي راءِ معلوم ڪئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته ويڪسين جي موجودگي پاڻ ۾ مڪمل تحفظ جي ضمانت ناهي؛ علاج جو هر مرحلو صحيح وقت، صحيح طريقي ۽ صحيح معيار سان مڪمل ٿيڻ ضروري آهي. انهن مطابق ڪتي جي ڏاڙهڻ کان پوءِ زخم کي فوري طور تي صابڻ ۽ وهندڙ پاڻي سان چڱيءَ طرح ڌوئڻ، زخم جي طبي درجي بندي ڪرڻ، ضرورت پوڻ تي ريبز اميونوگلوبولين ڏيڻ، ويڪسين جو مڪمل ۽ صحيح شيڊول پورو ڪرڻ ۽ ويڪسين جي معيار ۽ محفوظ رکڻ کي يقيني بڻائڻ انتهائي اهم آهن. جيڪڏهن انهن مان ڪنهن به مرحلي ۾ غلطي ٿئي ته خطرو برقرار رهي سگهي ٿو.
حقيقت اها آهي ته ريبز اهڙي بيماري آهي جنهن ۾ علامتون ظاهر ٿيڻ کان پوءِ موت جو خطرو انتهائي بلند هوندو آهي. ان ڪري علاج جو اصل مقصد وائرس کي دماغ تائين پهچڻ کان اڳ روڪڻ آهي. ڪتي جي چڪ کان پوءِ زخم کي گهٽ ۾ گهٽ ۱۵ منٽن تائين صابڻ ۽ وهندڙ پاڻي سان ڌوئڻ بنيادي قدم آهي. ان کان پوءِ طبي ماهر اهو طئي ڪري ٿو ته زخم ڪهڙي درجي جو آهي. جيڪڏهن چڪ گهرو هجي، چمڙي ڦاٽي هجي يا رت وهيو هجي، خاص طور تي اهڙي صورت ۾ جيڪا شديد درجي ۾ اچي، ته رڳو ويڪسين ڪافي نه هوندي؛ مناسب ڪيسن ۾ ريبز اميونوگلوبولين جي ضرورت پوندي آهي، جيڪو زخم جي چوڌاري ۽ طبي هدايت موجب استعمال ڪيو ويندو آهي. هتي سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ڇا اسان جي هر اسپتال ۾ ڪتي جي ڏاڙهڻ واري مريض جي صحيح طبي جاچ ۽ درجي بندي ٿي رهي آهي؟جيڪڏهن ڪنهن مريض کي صرف ويڪسين جا ڊوز لڳايا وڃن، پر اهڙي شديد زخم ۾ اميونوگلوبولين جي ضرورت هجي ۽ اهو نه ملي، ته پوءِ مريض لاءِ خطرو برقرار رهي سگهي ٿو. ساڳئي طرح جيڪڏهن مريض زخم ڌوئڻ ۾ ڪلاڪ يا ڏينهن ضايع ڪري، ديسي ٽوٽڪن، مرچن، تيل، مٽي يا ٻين شين جو استعمال ڪري يا اسپتال وڃڻ ۾ دير ڪري، ته ويڪسين جي اثرائتي علاج جا امڪان متاثر ٿي سگهن ٿا. تنهنڪري هر فوتگي کي رڳو ”ويڪسين ناڪام ٿي وئي“ چئي ڇڏڻ طبي طور درست نه هوندو. هر ڪيس جي الڳ تحقيق ٿيڻ گهرجي ته ويڪسين ڪهڙي هئي، ڪڏهن لڳي، ڪهڙي طريقي سان لڳي، زخم ڪهڙي درجي جو هو، اميونوگلوبولين جي ضرورت هئي يا نه، زخم ڪيئن صاف ڪيو ويو ۽ علاج ۾ ڪا دير ته نه ٿي.ويڪسين جي محفوظ رکڻ وارو نظام به اهم آهي. ريبز ويڪسين کي ٺاهيندڙ جي هدايتن مطابق مناسب ٿڌي ماحول ۾ رکڻ ضروري آهي. صحت کاتي کي رڳو ويڪسين اسپتال تائين پهچائڻ سان پنهنجي ذميواري پوري سمجهڻ نه گهرجي؛
ان ڳالهه جي به نگراني ٿيڻ گهرجي ته اسپتال ۾ ان جي محفوظ رکڻ جو انتظام موجود آهي يا نه، بجلي جي بندش دوران متبادل انتظام آهي يا نه، ويڪسين جو رڪارڊ درست آهي يا نه ۽ مريض کي صحيح شيڊول مطابق ڊوز ملي رهيا آهن يا نه.؟هتي صحت کاتي تي تنقيد ڪرڻ جو بنيادي سبب به اهو ئي آهي ته عوام کي رڳو ويڪسين جو هڪ انجيڪشن نه، پر مڪمل ريبز بچاءُ وارو نظام گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن ضلعي اسپتال ۾ ويڪسين ته موجود هجي پر اميونوگلوبولين موجود نه هجي، تربيت يافته عملو نه هجي، مريض جي زخم جي صحيح درجي بندي نه ٿئي يا ويڪسين جي فراهمي ۾ وقفو هجي، ته پوءِ سرڪاري انگن ۾ ويڪسين جي موجودگي عوام جي جان بچائڻ لاءِ ڪافي ثابت نه ٿيندي.
ٻيو وڏو سوال ڇتن ڪتن جي آبادي بابت آهي. ڪتن جي آباديءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ بنيادي طور تي مقامي حڪومتن، ميونسپل ادارن، ٽائون ۽ ميونسپل ڪميٽين جي ذميواريءَ سان لاڳاپيل ڪم آهي. هر سال انهن ادارن جي بجيٽن ۾ مختلف صفائي، جانورن جي ڪنٽرول ۽ ڪتن جي آباديءَ کي گهٽائڻ لاءِ رقمون رکڻ جون دعوائون ٿين ٿيون، پر زميني صورتحال انهن دعوائن جي ابتڙ نظر اچي ٿي. ڪٿي ڪتا مار مهم جا نالا ڪاغذن تائين محدود رهن ٿا، ته ڪٿي اهڙيون نمائشي مهمون هلن ٿيون جن جو مستقل نتيجو نظر نٿو اچي. جيڪڏهن مهمن باوجود ڪتن جون لوڌيون گهٽجڻ بدران وڌنديون وڃن، ته پوءِ سوال لازمي طور تي بجيٽ جي استعمال، نگراني ۽ نتيجن بابت اٿندو.
سنڌ ۾ ڪتن کي خصي ڪرڻ، ويڪسين لڳائڻ ۽ انهن کي مخصوص فارمن يا مرڪزن ۾ گڏ ڪرڻ لاءِ به مختلف منصوبن ۽ مهمن تي وڏي رقم خرچ ڪرڻ جون ڳالهيون سامهون اينديون رهيون آهن، پر اصل امتحان اهو آهي ته انهن منصوبن جو نتيجو زمين تي ڪٿي آهي؟ جيڪڏهن هڪ طرف ڪاغذن ۾ ڪتن جي آبادي ڪنٽرول ڪرڻ جا انگ اکر موجود هجن ۽ ٻي طرف شهرن، ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ ڪتن جون نيون لوڌيون پيدا ٿينديون رهن، ته پوءِ ان سڄي عمل جو آزاداڻو جائزو وٺڻ ضروري آهي. خصي ڪرڻ يا جانورن جي ويڪسينيشن جهڙا سائنسي طريقا ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جو حصو ٿي سگهن ٿا، پر انهن لاءِ مسلسل ڪم، مناسب نگراني، جانورن جي سڃاڻپ ۽ رڪارڊ، ٻيهر ويڪسينيشن ۽ علائقي جي ڪتن جي آباديءَ جو سائنسي جائزو ضروري آهي. جڏهن ته مڪاني ادارن کي ڪتن جي آباديءَ ۽ انساني آباديءَ جي وچ ۾ خطري کي گهٽائڻ لاءِ سائنسي پروگرام هلائڻ گهرجن. جانورن جي صحت جا ادارا، ضلعي انتظاميا، تعليم کاتو، اسپتالون، ميونسپل ادارا ۽ سول سوسائٽي گڏجي ڪم ڪن ته ئي نتيجو نڪري سگهي ٿو.ساڳئي وقت عوام کي به پنهنجي ذميواري سمجهڻ گهرجي. ڪتي جي ڏاڙهڻ کي معمولي زخم سمجهي گهر ۾ ويهڻ، ديسي علاج ڪرائڻ يا ڪنهن غير سائنسي صلاح تي وقت ضايع ڪرڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. ڪتي جي چڪ کان پوءِ زخم کي فوري طور صابڻ ۽ وهندڙ پاڻي سان ڌوئي، بنا دير طبي مرڪز تي پهچڻ گهرجي. جيڪڏهن ڊاڪٽر شديد درجي جو زخم قرار ڏئي ته اميونوگلوبولين جي ضرورت بابت سوال ضرور ڪرڻ گهرجي ۽ ويڪسين جو مڪمل شيڊول ڊاڪٽر جي هدايت مطابق پورو ڪرڻ گهرجي.هڪ ٻيو اهم سوال اهو آهي ته ريبز سبب ٿيندڙ هر فوتگيءَ جي باقاعده جاچ ڇو نه ڪئي وڃي؟ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مڪمل علاج وٺڻ جي دعويٰ باوجود ريبز سبب فوت ٿئي ٿو ته ان ڪيس جي طبي ۽ انتظامي آڊٽ ٿيڻ گهرجي.
مريض جو علاج رڪارڊ، ويڪسين جي بيچ، فراهميءَ جو رڪارڊ، محفوظ رکڻ جي صورتحال، ڊوزن جون تاريخون، زخم جي نوعيت، اميونوگلوبولين جي ضرورت ۽ ان جي فراهمي، سڀ شيون جاچ هيٺ اچڻ گهرجن. اهڙي شفاف جاچ کان سواءِ هر موت جو سبب رڳو ”ويڪسين ناڪامي“ قرار ڏيڻ به مسئلي کي لڪائڻ برابر ٿيندو.سنڌ ۾ هاڻي ڪتن جي آزار کي موسمي مهمن بدران مستقل سرڪاري پاليسي طور ڏسڻ جي ضرورت آهي. هر ضلعي لاءِ ڪتن جي آباديءَ جو اندازو، علائقي وار رڪارڊ، جانورن جي ويڪسينيشن، مناسب خصي ڪرڻ جا پروگرام، عوامي شڪايتن جو نظام ۽ نتيجن جي سالياني رپورٽ لازمي هجڻ گهرجي. ساڳي وقت هر ضلعي اسپتال ۽ مقرر ڪيل علاج مرڪز ۾ ريبز جي بچاءَ لاءِ ضروري سهولتون، تربيت يافته عملي ۽ مناسب ويڪسين جي مسلسل دستيابي يقيني بڻائي وڃي.