لاڙڪاڻو/شهدادڪوٽ/شڪارپور/ ٺل/ راڻي پور (نمائندن وٽان) ڪي پي جو وڏو وزير سهيل آفريدي سنڌ جي دوري تي پهتل، مختلف شهرن ۾ سهيل آفريدي جو هزارين ماڻهن پاران استقبال ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ مارچ دوران ”سنڌ کپائيندي پادر کائيندي“ جي نعرن جي گونج، سهيل آفريدي جو لاڙڪاڻي، شهدادڪوٽ، قمبر، شڪارپور، ٺل، مريد شاخ، راڻي پور ۽ ٻين شهرن ۾ هزارين ماڻهن پاران استقبال ڪيو ويو، جلسن کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته ملڪ ۾ سياسي تبديلي شروع ٿي چڪي آهي، 27 سيپٽمبر تي عوام روڊن تي نڪرندو، سنڌ جي عوام لاءِ عمران خان جو پيغام کڻي هتي آيا آهيون، سنڌ جي عوام جو جوش ۽ جذبو ان ڳالهھ جو ثبوت آهي ته عوام سياسي تبديلي چاهي ٿو اهو ئي عمران خان لاءِ عوامي حمايت جو ڀرپور اظهار آهي، هن ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته 27 سيپٽمبر تي ڪنهن به خوف کان سواءِ پنهنجن گهرن مان نڪري اچن ۽ تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڀرپور شرڪت ڪن، سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي اسٽريٽ موومينٽ هاڻي سنڌ ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ هو اميد رکي ٿو ته مقرر تاريخ تي ڪراچي کان گلگت بلتستان تائين ماڻهو روڊن تي نڪرندا هن حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته پارٽي جو سنڌ وارو دورو 27 سيپٽمبر جي سياسي مهم لاءِ عوامي رابطا وڌائڻ جو حصو آهي، دوري دوران مختلف ضلعن ۾ ڪارڪنن سان ملاقاتون، عوامي رابطا ۽ اجتماعن جو سلسلو جاري رهندو، سهيل آفريدي 27 سيپٽمبر کي ملڪ لاءِ اهم ڏينهن قرار ڏيندي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ حامين کي تحريڪ ۾ ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي، سهيل آفريدي سنڌ جي سياسي ۽ انتظامي صورتحال تي پڻ تنقيد ڪئي ۽ دعويٰ ڪئي ته عوام ناانصافين ۽ ترقياتي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، هن پي ٽي آءِ جي سياسي جدوجهد کي عوام جي حقن سان ڳنڍيندي چيو ته عمران خان اڊيلا جيل ۾ اوهان ۽ اسان جي حقن جي جدوجهد خاطر سختيون ڪاٽي رهيو آهي جنھن ڪري اسان تي ان جو حق ٿو لڳي ته ساڻن گڏ بيهون، ٺل ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪي ماڻهو سالن کان سنڌ ۾ حڪمراني ڪندا رهيا آهن، هاڻي سنڌ جي عوام انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. عوام کي پنهنجي حقن ۽ مستقبل لاءِ آواز اٿارڻو پوندو.عمران خان کي چيو وڃي ٿو ته ڊيل ڪر ته توکي آزاد ڪريون، پر عمران خان ڪنهن به ڊيل کي رد ڪري ڇڏيو آهي.