مسئلو صوبن جي ورهاست جو نه پر خراب حڪمراني جو آهي: مظهر عباس

ڪراچي(ع آ نيوز) ناليواري صحافي مظهر عباس چيو آهي ته مسئلو صوبن جي ورهاست جو نه، خراب حڪمراني جو آهي. هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي مظهر عباس چيو ته محسن نقوي جي ڳالهه مان لڳي ٿو ته هڪ ’فلر‘ ڇڏيو ويو، جنهن جي هر ڪو پنهنجي تشريح ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڇا صوبن کي ورهائڻ سان ڇا انتظامي مسئلا حل ٿي ويندا؟. مظهر عباس چيو ته سٺي گورننس هجي ته آبادي هڪ ڪروڙ هجي يا ٽي ڪروڙ، مسئلو نه ٿيندو. مظهر عباس چيو ته 8 فيبروري جي ووٽ کي تسليم نه ڪندڙ عوام کي ڪيئن بااختيار ڪندا؟. هن چيو ته جيڪي حڪومتون اچن ٿيون، اهي غير محفوظ محسوس ڪن ٿيون ۽ گورننس بهتر ڪرڻ بدران ماڻهن کي خوش رکڻ ۾ لڳي وڃن ٿيون. ڪراچي کي آزاد شهر به بڻايو وڃي ته به موجوده حالتن ۾ حڪمراني لائق نه رهندو.سنڌ جي حساسيت جي پويان ون يونٽ ۽ ماضي جا تجربا به موجود آهن. ڪئنال، ڪالا باغ ڊيم ۽ ٻين معاملن تي بي اعتمادي ختم ٿيڻ جو نالو نٿي وٺي. پنجاب اڳ وسيلن جي ورڇ برابري جي بنياد تي چاهيندو هو، هاڻي اڪثريت جي بنياد تي ڪيس پيش ڪري ٿو  .

You might also like