وفاق اصل معاشي ۽ عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي، سنڌ جي آئيني ۽ جاگرافيائي حقن تي سياست بند ڪري: سعديه جاويد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته وفاقي وزير سنڌ جي آئيني ۽ جاگرافيائي حقن تي سياست بند ڪن.
وفاقي وزير طارق فضل چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي سعديه جاويد چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه خلاف غير ذميواراڻي ٻولي برداشت نه ڪنداسين، مراد علي شاهه جو خطاب سنڌ جي ڪروڙين عوام جي حقن جو ترجمان هو.
هن چيو ته وفاقي وزير سنڌ جي آئيني ۽ جاگرافيائي حقن تي سياست بند ڪن، سنڌ اسيمبلي ۽ قائد ايوان کي مفادن جي تحفظ جو آئيني اختيار حاصل آهي.
سعديه جاويد عباسي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ڌرتي جي ورهاڱي يا نقصان بابت ڪنهن به ڳالهه تي خاموش نه رهنداسين، وفاقي حڪومت ملڪ جي اصل معاشي ۽ عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي.
سندس چوڻ هو ته وڏي وزير مراد علي شاهه هميشه آئين جي پاسداري ۽ وفاق جي مضبوطي جي ڳالهه ڪئي آهي، وفاقي وزير سنڌ دشمني تي ٻڌل بيانن ذريعي نفرتون پکيڙڻ کان پاسو ڪن.

You might also like