لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ماحولياتي ضابطن جي ڀڃڪڙين جي نگراني سخت ڪرڻ لاءِ گرينڊ آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته وزيراعليٰ مريم نواز جي ”صاف لاهور، صحتمند پنجاب“ پروگرام تي سختي سان عملدرآمد جاري آهي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ماحولياتي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي 18 يونٽن کي نوٽيس ۽ 4 يونٽن کي سيل ڪيو ويو، جڏهن ته تعميراتي ڀڃڪڙي تي 6 هنڌ سيل ۽ پوليٿين خلاف ڪارروائي دوران 36 هنڌن کي سيل ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ دونهون ڇڏيندڙ 10 گاڏيون تحويل ۾ ورتيون ويون، جڏهن ته 24 چالان ۽ 24 گاڏيون سيل ڪيون ويون.
وڌيڪ اهو ته اجلاس ۾ فصلن جي لاباري جي موسم کي نظر ۾ رکندي سڄي صوبي ۾ آپريشن جو دائرو وڌائڻ ۽ ماحولياتي ڀڃڪڙين جي نگراني سخت ڪرڻ لاءِ گرينڊ آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
You might also like