”جِي ڪيو“ بيسٽ ڊريسڊ نائيٽ ۾ نورا فتحي جو نوي جي ڏهاڪي وارو لُڪ وائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا، ماڊل ۽ ڊانسر نورا فتحي ”جي ڪيو بيسٽ ڊريسڊ“ تقريب ۾ پنهنجي نئين انداز سان سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو.
پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيل تصويرن ۾ نورا فتحي اڇي ڪالر واري شرٽ ۽ نيري ڊينم اسڪرٽ پهريل آهي، هن شرٽ چيلهه سان ڳنڍ ڏئي ٻڌي آهي، جڏهن ته سندس اسڪرٽ تي سونهري بٽڻ لڳل هئا.
هن لباس سان گڏ نورا فتحي سونهري هار ۽ ڪنن ۾ واليون پاتيون، جڏهن ته وارن کي به خاص انداز ۾ سنواريو هو
نورا فتحي پنهنجي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي لکيو ته ”جي ڪيو جي بهترين لباس واري رات ۾ 90ع واري ڏهاڪي وارو انداز.“

You might also like