سجاول (ع آ نيوز) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ کي لٽيندڙ، سنڌ کي مسئلن جو ڳڙهه بڻائيندڙ، ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ، قبائلي جهيڙن جا ذميوار ۽ ڪرپشن جا سرغنه ئي اڄ سنڌ ماءُ ۽ سنڌ ماءُ جا نعرا هڻي رهيا آهن. سجاول ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راشد محمود سومري چيو ته نعرا لڳائڻ درست آهي، پر سنڌ جي مسئلن جا ذميوار به اهي ئي ماڻهو آهن، جيڪي سنڌ اسيمبلي ۾ ويهي سنڌ، سنڌ ڪري رهيا آهن. ميرٽ جا قاتل به اهي ئي آهن، جيڪي سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جا نعرا هڻي رهيا آهن، اسپتالن جا پئسا کائڻ وارا به اهي ئي آهن ۽ نوجوانن کي قتل ڪرڻ تي مجبور ڪندڙ به اهي ئي آهن. راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ جي وسيلن، ٻيٽن ۽ معدنيات جا سودا ڪندڙ به اهي ئي ماڻهو آهن، جيڪي سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ، سنڌ ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي ٺهراءَ منظور ڪري ٿي ته سنڌ کي نئين صوبي جي ضرورت ناهي، ته پوءِ اهو موضوع بند ٿيڻ گهرجي ۽ اها بحث ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ان کانپوءِ سنڌ اندر نون صوبن جي بحث نه ڇيڙڻ گهرجي، پنجاب کي ضرورت آهي ته نئون صوبو ڏئي ڇڏيو، خيبر پختونخواهه مطالبو ڪري رهيو آهي ته ڏئي ڇڏيو، بلوچستان نون صوبن جو مطالبو ڪري ته ڏئي ڇڏيو، پر سنڌ جي عوام ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ورهاڱي کي قبول نه ڪندي، ڀلي ڪا سياسي جماعت مخالف هجي يا اتحادي. هن چيو ته مذهبي جماعتون هجن يا قومپرست جماعتون، سڀ جماعتون ان ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌ جي ورهاست نه ٿيڻ گهرجي، ان باوجود اهي ماڻهو الڳ صوبي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جيڪي پنهنجي پارٽي سنڀالي نٿا سگهن، جيڪي هڪ اسپتال به سنڀالي نٿا سگهن، جيڪي پي ايمز اسپتال ۾ 18 ۽ 19 ٻارن جون جانيون نه بچائي سگهيا .هن چيو ته سنڌ جي عوام اسيمبلين ۾ ويٺل ڌرتي لٽيندڙن کي اڳ به رد ڪري چڪي آهي، صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن ته ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ کي وڪڻندڙ ۽ عوام جا حق کائيندڙ اهي ماڻهو ٻيهر اسيمبلي ۾ نه هوندا، پر جيڪڏهن اسيمبلي ۾ ٻيهر ڪو ويٺو هوندو ته جمعيت علماءِ اسلام جا ڪارڪن هوندا، جن تي سنڌ جي عوام اعتماد جو اظهار ڪري رهي آهي.