ڏهرڪي/اوٻاوڙو/ڪمون شهيد / ڪنڌڪوٽ (نمائندن وٽان) خيبرپختونخوا جو وڏي وزير محمد سهيل آفريدي 5 ڏينهن جي دوري تي سنڌ پهچي ويو، جتي هن پنجاب ۽ سنڌ جي سرحد تي واقع ڪمون شهيد ۾ استقبال لاءِ گڏ ٿيل ڪارڪنن کي خطاب ڪيو، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير 27 سيپٽمبر تي ٿيندڙ لانگ مارچ جي سلسلي ۾ اسٽريٽ موومينٽ لاءِ پنج ڏينهن جي دوري تي رحيم يار خان کان قافلي جي صورت ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيو، سهيل آفريدي سان گڏ پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري بئريسٽر سلمان اڪرم راجا، ايم اين اي مخدوم زين حسين قريشي، جنيد اڪبر، مينا خان آفريدي، شفيع جان، عامر ڊوگر، عادل بازائي ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ شامل آهن، پي ٽي آءِ سنڌ جي ترجمان محمد علي بلوچ موجب سنڌ آمد تي پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ سميت صوبائي قيادت، اڳواڻن، عوام ۽ ڪارڪنن وڏي وزير جو شاندار استقبال ڪيو، ڪمون شهيد ۾ عوام ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته شاندار استقبال تي سڀني جو ٿورائتو آهيان، توهان جو جذبو گذريل ڀيري کان وڌيڪ نظر اچي رهيو آهي ۽ لڳي ٿو ته رڪارڊ ٽٽڻ وارو آهي، سهيل آفريدي چيو ته عوام جو جذبو ٻڌائي رهيو آهي ته سنڌ ۾ زرداري راڄ ختم ٿيڻ وارو آهي، هن شرڪت ڪندڙن کان پڇيو ته عوام ٻڌائي ته ڊي چوڪ وڃڻ چاهيو ٿا يا ڪراچي؟ شرڪت ڪندڙن طرفان ڊي چوڪ جا نعرا لڳائڻ تي سهيل آفريدي مذاق ڪندي پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ کي چيو ته ڪراچي وارو پروگرام رد ڪري ڇڏيو، ڇو ته هي سڀ ڊي چوڪ وڃڻ چاهين ٿا، سهيل آفريدي چيو ته سنڌ جي عوام کي خبر آهي ته 18 سالن کان صوبي ۾ مسلسل ڪنهن جي حڪومت آهي. سنڌ جا غيرتمند ماڻهو ڏسي رهيا آهن ته انهن سان ڪيتريون زيادتيون ٿي رهيون آهن ۽ صوبي کي ترقي جو جيڪو حق ملڻ گهرجي، اهو نٿو ڏنو وڃي تمام جلد سنڌ جي عوام کي عمران خان حق ڏياريندو، ڇاڪاڻ ته هتي جا ماڻهو پي ٽي آءِ ۽ عمران خان سان گڏ آهن،27 سيپٽمبر تي عمران خان قوم جو انتظار ڪندو، ڇا قوم ان لاءِ تيار آهي؟ انشاءَ الله 27 سيپٽمبر تي ڪراچي کان مڪران، خيبر کان مهراڻ ۽ لاهور کان گلگت بلتستان تائين سڄو پاڪستان روڊن تي هوندو، سنڌ تي مسلسل ڪنهن جي حڪومت آهي ۽ اهو پڻ ڏسي رهي آهي ته عوام سان ڪيتريون زيادتيون ٿي رهيون آهن. سنڌ کي ان جو حق ۽ ترقيءَ جو حق نه ڏنو پيو وڃي، عوام جو جذبو ٻڌائي رهيو آهي ته سنڌ ۾ زرداري راڄ جو خاتمو ٿيڻ وارو آهي، تمام جلد سنڌ جي عوام کي عمران خان سندن حق ڏياريندو، پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري بئريسٽر سلمان اڪرم راجا چيو ته هو سنڌ ڌرتي جي عوام وٽ عمران خان جو پيغام کڻي آيا آهن، اهو پيغام سنڌ جي ترقي ۽ عوام جي حقن جو پيغام آهي، اسان سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺا آهيون ۽ عوام جي حقن لاءِ بيٺا آهيون، سنڌ جي پاڻي ۽ سنڌ ڌرتي جي حفاظت ڪنداسين، سنڌ جو فيصلو سنڌ جا ماڻهو ڪندا ۽ اسان انهن سان گڏ بيٺا آهيون، سلمان اڪرم راجا چيو ته ڪنهن به ظلم ۽ جبر کي سنڌ ڌرتي تي مڙهڻ نه ڏينداسين، سنڌ ڌرتي جا سمورا مسلمان ۽ غير مسلم سنڌ ڌرتي جا وارث آهن ۽ عوامي فتح تائين انهن سان گڏ بيٺا رهنداسين، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو ته وڏي وزير خيبرپختونخوا سهيل آفريدي ۽ مرڪزي قيادت کي سنڌ ڌرتي تي اچڻ تي ڀليڪار ڪريون ٿا، پي ٽي آءِ جا اڳواڻ عمران خان جو پيغام کڻي سنڌ آيا آهن، اڄ سنڌ جي عوام ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته عوام ڪنهن سان گڏ بيٺل آهي، سنڌ جو پنج ڏينهن وارو دورو تاريخي ثابت ٿيندو، پي ٽي آءِ موجب وڏي وزير سهيل آفريدي جو سنڌ جو دورو مختلف ضلعن تائين جاري رهندو، هو گھوٽڪي کان مريد شاخ، گڊو، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ کان ٿيندو جيڪب آباد پهچندو، اڄ هو جيڪب آباد کان شڪارپور، ڳڙهي ياسين، شهدادڪوٽ، قمبر، لاڙڪاڻي، ٽنڊو مستي ۽ نوشهروفيروز ويندو، سڀاڻي نوشهروفيروز کان نوابشاهه، قاضي احمد، سانگهڙ، ميرپورخاص کان عمرڪوٽ پهچندو، جڏهن ته 6 سيپٽمبر تي عمرڪوٽ کان ميرپورخاص، ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد کان ٿيندو ڪراچي پهچندو،ڪي پي جي سڌ سماءَ واري وزير شفيع جان چيو ته شفيع جان چيو ته سنڌ ۾ اسٽريٽ موومينٽ عوامي جدوجهد کي فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ڪنداسين، عمران خان سان ٿيندڙ سياسي انتقام عوام آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي.