سنڌ ۾ نئون صوبو ته ڇا پر انتظامي ڦيرڦار به قبول نه ڪنداسين:اڳواڻ

حيدرآباد (رپورٽر) جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو سربراھي اجلاس رھبر ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس حيدرآباد تي ٿي گذريو، اجلاس ۾ جسقم بشير خان جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سياسي صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺندي موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ ھڪ تاريخي وطن ۽ ناقابل تقسيم وحدت آھي، سنڌ ۾ ڪو به نئون صوبو ٺھڻ ته پري جي ڳالھ، پر ڪا به انتظامي ڦيرڦار به قبول نه ڪئي ويندي، نئون انتظامي يونٽ ٺاھڻ ۽ ڪراچي کي ھڪ کان وڌيڪ ڊويزنن ۾ ورھائڻ واري رٿا کي نوان صوبن ٺاھڻ واري سازش جو حصو سمجھون ٿا، ٻٽي مڪاني نظام وانگر نيون ڊويزنون ۽ انتظامي يونٽ ٺاھڻ پڻ سنڌ کي ورھائڻ واري رٿا جو حصو آھن، رهبر ڪميٽي ڪنهن به نئين ضلعي، نئين ڊويزن يا نئين انتظامي يونٽ ٺاھڻ واري هر تجويز کي مڪمل رد ڪري ٿي، اھڙي ڪنهن عمل جي ڪا به ڪوشش ڪئي وئي ته ان کي سنڌ خلاف غداري تصور ڪيو ويندو، ڪالاباغ ڊيم ۽ ٿل ڪينال خلاف اسيمبلي ۾ قراردادون پاس ڪرڻ جي باوجود وفاق ۽ پنجاب سنڌ جو پاڻي روڪي رھيا آھن، ڪئنالن ۽ ڊيمن جون نت نيون رٿائون عمل ۾ آنديون پيون وڃن.

You might also like