پيٽروليم ليوي کي حڪومت آمدني حاصل ڪرڻ جي مشين بڻائي ڇڏيو

ڪراچي(ڪامران خان)پاڪستان ۾ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو سڀ کان وڏو نظام ايف بي آر نه، پر سڄي  ملڪ ۾ هلندڙ پيٽرول پمپ  آهن، ۽ ائين ڇو نه هجي، جڏهن هڪ غريب ترين موٽرسائيڪل سوار پاڪستاني شهري به ان وقت مجبور آهي، جڏهن هو پنهنجي موٽرسائيڪل ۾ صرف هڪ ليٽر پيٽرول وجهرائي ٿو.هو جڏهن هڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت 346 رپيا ادا ڪري ٿو ته ان مان 108 رپيا سڌو ايف بي آر جي ذريعي سرڪاري خزاني ۾ جمع ٿين ٿا. ان کي پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي چيو وڃي ٿو.۽ ڪجهه ئي سالن ۾ پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي وصولي 128 ارب رپين مان وڌي لڳ ڀڳ 1,567 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي.اهو بار اهڙي پاڪستان ۾ عام ماڻهو تي پئجي رهيو آهي، جتي في ماڻهو آمدني ڀارت ۽ بنگلاديش جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، پر پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون عام شهري لاءِ وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهن.حڪومت عام پاڪستاني جي مجبوري کي آمدني حاصل ڪرڻ جي مشين بڻائي ڇڏيو آهي؟

You might also like