پيٽرول 2 رپيا 84 پئسا ۽ ڊيزل 2 رپيا 28 پئسا مهانگو

اسلام آباد (بيورو) حڪومت طرفان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪئي وئي، حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 28 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 84 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، نوٽيفڪيشن موجب واڌ کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 374 رپيا 31 پئسا في ليٽر مقرر ٿي وئي، جڏهن ته پيٽرول جي نئين قيمت 349 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي، پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون اڄ لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو، ٻئي پاسي شهرين پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مهانگائي اڳ ئي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، هاڻي بار بار پيٽرول مهانگو ڪرڻ سان عام ماڻهو جون مشڪلاتون وڌيڪ وڌنديون، پيٽرول جي قيمت وڌڻ سان موٽر سائيڪل ۽ گاڏين جو خرچ ته وڌندو ئي، پر ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا ۽ روزمرهه استعمال جون شيون به مهانگيون ٿيڻ جو خدشو آهي، هڪ شهري چيو ته آمدني ساڳي آهي پر هر شيءِ جا اگهه مسلسل وڌي رهيا آهن، حڪومت کي عوام تي وڌيڪ بار وجهڻ بدران پيٽروليم شين تي ٽيڪس ۽ ليوي گهٽ ڪري رليف ڏيڻ گهرجي، هڪ ٻئي شهري چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ بار بار واڌ عام ماڻهو لاءِ برداشت کان ٻاهر ٿيندي پئي وڃي، حڪومت کي فوري طور تي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، تازي سرڪاري انگن موجب 3 سيپٽمبر تي پيٽرول 2 رپيا 29 پئسا ۽ ڊيزل 1 رپيو 11 پئسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو هو.

You might also like