”ٻارن سميت شهرين کي نشانو بڻائڻ جنگي ڏوهه آهي“، ايران جو آمريڪي حملن خلاف گڏيل قومن کي خط

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ ايران جي مشن چيو آهي ته ايران جي ڪيترن ئي شهرن ۾ عام شهرين تي ڄاڻي واڻي حملا ڪيا ويا، جڏهن ته ٻارن سميت شهرين کي شهيد ڪرڻ عالمي انساني قانون جي بنيادي اصولن جي سنگين ڀڃڪڙي ۽ جنگي ڏوهه آهي.
ايران جي سفير ۽ ڊپٽي هيڊ آف مشن غلام حسين درزي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس کي لکيل خط ۾ پهرين سيپٽمبر تي ٿيل آمريڪي حملن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ڏکڻ ايران جي ڪيترن ئي شهرن ۾ شهرين ۽ شهري هدفن تي اهي حملا ڄاڻي واڻي ڪيا ويا.
ايراني اختيارين چيو آهي ته مارچ 1404ع ۾ تازو جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي ”آمريڪا بار بار شهرين، شهري هنڌن ۽ اهم بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻايو آهي، جن ۾ اسڪول، اسپتالون، هوائي اڏا، رهائشي علائقا، پل، روڊ ۽ ريلوي جون سهولتون شامل آهن.“
ياد رهي ته هرمزگان ۾ امدادي اختيارين موجب، ڪوهستڪ تي حملي ۾ هڪ ٻار سميت چار ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 60 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا.
ٻئي پاسي آمريڪا شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ترديد ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته اڱاري جي رات ڪيل هوائي حملن ۾ پاسداران انقلاب جا فوجي انفرااسٽرڪچر۽ اڏا نشانو بڻايا ويا.

You might also like