ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پاڪستاني فاسٽ بالر تنوير احمد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نظام تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي پاڪستان ۾ پيدا ٿئي ها ته هو ناقص ڪرڪيٽ نظام سبب اهڙو رانديگر نه بڻجي سگهي ها، جيڪو اڄ آهي.
تنوير احمد چيو ته ”جيڪڏهن ويرات ڪوهلي پاڪستان ۾ پيدا ٿئي ها، ته هو اسان جي ناقص نظام جي ڪري اهو رانديگر نه بڻجي سگهي ها، جيڪو هو اڄ آهي.“
هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ٽيلينٽ جي موجودگي باوجود خراب نظام ڪيترن ئي باصلاحيت رانديگرن جي صلاحيتن کي اجاگر ٿيڻ کان روڪي ٿو.