محبت ائين ڪبي آ…! مُلڪ ٻوڏ ۾ ٻڏل، فلپائني جوڙي چيلهه تائين بيٺل پاڻي ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو

منيلا (ويب ڊيسڪ) شادي جو ڏينهن هر جوڙي لاءِ خاص هوندو آهي ۽ هو ان موقعي کي يادگار بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن، پر فلپائن ۾ هڪ جوڙي ٻوڏ جي پاڻي ۾ بيهي شادي جون رسمون مڪمل ڪري سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو.
فلپائن جي علائقي هاگونوئي جي سينٽ جان دي بيپٽسٽ چرچ ۾ هي انوکي شادي ٿي، جتي تيز برساتن کانپوءِ چرچ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويو هو.
ليان لائزا گالانگ نالي ڪنوار چيلهه تائين بيٺل ٻوڏ جي پاڻي مان لنگهندي عروسي لباس ۾ چرچ پهتي، هن هٿ ۾ اڇن گلن جو گلدستو کنيو ۽ چوڌاري موجود ٻوڏ جي پاڻي جي ڪا پرواهه نه ڪئي.
شادي جي تقريب کي معمول موجب ڏيکارڻ لاءِ چرچ کي پلاسٽڪ جي گلن سان پڻ سينگاريو ويو هو.
ليان لائزا گالانگ ۽ سندس گهوٽ گلبرٽ چيڪو جي شادي جون رسمون هڪ پادري مڪمل ڪرايون.
فوٽوگرافر ميڪو رَي الفانسو موجب، پادري جوڙي کي ٻوڏ جو پاڻي وڌڻ سبب شادي ملتوي ڪرڻ تي زور ڏنو هو، پر جوڙو شادي ڪرڻ لاءِ پُرعزم هو.
هفتن تائين جاري رهندڙ تيز برساتن سبب چرچ لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان عارضي طور ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل هو.
مڪو رَي الفانسو چيو ته جوڙو شادي ڪرڻ چاهي پيو، تنهنڪري هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي ته سندن هي ڏينهن يادگار بڻجي سگهي.
هن چيو ته ٻئي هڪ ٻئي سان تمام گهڻي محبت ڪن ٿا ۽ ڪا به شيءِ کين شادي ڪرڻ کان روڪي نه سگهي.
رپورٽ موجب ڪنوار رڪشي ۾ ويهي چرچ پهتي، جڏهن ته هن منفرد شادي جي تقريب ۾ 15 ڄڻن شرڪت ڪئي.

 

You might also like