دبئي (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پهرين وومينز چيمپئنز ٽرافي 2027 جي ميزبان ملڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ايونٽ جي ميزباني ڀارت ڪندو.
آءِ سي سي وومينز چيمپئنز ٽرافي 14 کان 28 فيبروري 2027 تائين ممبئي ۽ وڊودرا ۾ کيڏي ويندي، جنهن ۾ 6 ٽيمون حصو وٺنديون.
ايونٽ ۾ آسٽريليا، انگلينڊ، ڀارت، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ سريلنڪا جون ٽيمون شرڪت ڪنديون.
ٽيمون وومينز ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جي بنياد تي چونڊيون ويون آهن، جنهن لاءِ 6 جولاءِ کي ڪواليفڪيشن ڪٽ آف تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي.
وومينز چيمپئنز ٽرافي جي ميزباني پهريان سريلنڪا کي ڏني وئي هئي، پر سريلنڪا کي آءِ سي سي جي گائيڊ لائينز تحت ڪجهه سڌارن تي اڃا عملدرآمد ڪرڻو آهي.
رپورٽ موجب، انهن سڌارن بابت فيصلا هلندڙ سال جولاءِ ۾ ٿيل آءِ سي سي جي سالياني ڪانفرنس دوران ڪيا ويا هئا.
You might also like