نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ايوڌيا جي رام مندر ۾ چندي جي مبينا چوري جي الزامن کانپوءِ رام مندر ٽرسٽ ڀارتي فضائيه جي اڳوڻي ايئر مارشل جتيندر مشرا کي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
جتيندر مشرا هلندڙ سال مئي ۾ ويسٽرن ايئر ڪمانڊ جي ڪمانڊر اِن چيف جي عهدي تان رٽائر ٿيو هو، رام مندر ٽرسٽ جي سيڪريٽري جنرل ڪرشن موهن ٽرسٽ جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران ان فيصلي جو اعلان ڪيو.
گذريل سال پهلگام حملي کانپوءِ مئي ۾ جڏهن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ فوجي ڇڪتاڻ ٿي هئي، ان وقت جتيندر مشرا ويسٽرن ايئر ڪمانڊ جا سربراهه هو.
ٽرسٽ بورڊ ۾ ٽن نون ميمبرن کي به شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ ايوڌيا جو مدن موهن پانڊي، نئين دهلي جو مهيش ڀاڳ چندڪا ۽ شڪوه آباد جي نرملا يادَو شامل آهن.
رام مندر جي چندي مان مبينا چوري واري معاملي کانپوءِ 27 جون تي ٽرسٽ جي جنرل سيڪريٽري چمپت راءِ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.
ان کانپوءِ 6 جولاءِ تي ٽرسٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽرسٽ جي سيڪريٽري جنرل ۽ ميمبر انيل مشرا جو استعيفيٰ قبول ڪئي وئي ۽ سندس جاءِ تي ڪرشن موهن کي عبوري سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو.
اربع تي ٽرسٽ جي فيصلن بابت آگاهي ڏيندي ڪرشن موهن ٻڌايو ته رام مندر ٽرسٽ جي خزانچي سوامي گووند ديو گري مهاراج کي هاڻي سيڪريٽري جنرل بڻايو ويو آهي، جڏهن ته مهيش ڀاڳ چندڪا کي خزانچي جي ذميواري ڏني وئي آهي.
هن ٻڌايو ته پهرين آگسٽ 2026 تي سي اي او جي چونڊ لاءِ جوڙيل ڪميٽي ٽرسٽ آڏو ٽن اميدوارن جا نالا پيش ڪيا هئا، جن تي اربع ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ غور ڪيو ويو ۽ نيٺ رٽائرڊ ايئر مارشل جتيندر مشرا جي نالي جي منظوري ڏني وئي.
ڪرشن موهن موجب، جتيندر مشرا ضلعي ديوريا سان تعلق رکن ٿا ۽ وچولي طبقي جي خاندان مان آهن.