بهتر سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ ڪڏهن سنڌ دشمني ٿي وئي؟ متحده ايم پي ايز

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)  سنڌ اسيمبليءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي عبدالباسط تقرير ڪندي چيو ته صوبن جي ڳالهه ڪنهن ڪئي ۽ ان جي ضرورت ڇو پئي؟ ڇا ٿيو؟ جيڪڏهن اسان سڀ هتي ويٺي سچ تي ڳالهائڻ شروع ڪريون ته منهنجي خيال ۾ اسان جا اڌ مسئلا حل ٿي ويندا.هن چيو ته سنڌ جو ورهاڱي چاهي ڪير ٿو؟ جيڪڏهن ڪو سوچي ٿو يا چوي ٿو ته سنڌ ٽٽي رهي آهي ته يا ته اهو نٿو سمجهي يا اهو فساد چاهي ٿو. هاڻي ان ۾ فائدو ڪنهن جو آهي، اهو ڏسڻو پوندو.هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته هڪ مضبوط سنڌ، هڪ بهتر سنڌ جي ڳالهه ڪريان. جڏهن اسان آئين جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان ۾ اهو به لکيل آهي ته ڪرپشن نه ٿيڻ گهرجي، پوءِ ڪرپشن ڇو ٿي رهي آهي؟ ان سان آئين نٿو ٽٽي؟ اهو ئي آئين چوي ٿو ته هر ٻار کي تعليم ملڻ گهرجي سنڌ ۾، پوءِ توهان ڇو نٿا ڏيو؟ اهو ئي آئين چوي ٿو ته صحت ۽ سهولتون سڀني کي برابر ملڻ گهرجن، پوءِ ڇو نٿا ڏيو؟ پيئڻ جو صاف پاڻي سڀني کي ملڻ گهرجي، اهو نٿو ملي.هن چيو ته مير رضا قتل ڪيس هن ”سسٽم“ کي ايڪسپوز ڪري ڇڏيو. آئين اتي به ناهي. جيڪڏهن توهان ان ئي آئين، ان ئي نظام جي ڳالهه ڪرڻي آهي ته وڃو ان جي ماءُ پيءُ، ان جي ڀيڻ وٽ، انهن کان پڇو ته ان آئين انهن کي ڪيترا حق ڏنا.هن چيو ته اهي ڪراچي جون ڳالهيون ڪيون ته توهان کي بڇڙيون لڳنديون ته صرف ڪراچي جي ڳالهه ڪئي.شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا قاتل اڄ تائين پڪڙيا ويا ؟ انجنيئر فيصل ڀٽو، تازو ئي واقعو آهي، ان  ڪيس جو ڇا ٿيو؟هن چيو ته  جڏهن وفاقي گهرو وزير  چئي ڏنو ته سسٽم ڪوليپس (تباهه) ٿي چڪو آهي، ته ڪٿي نه ڪٿي اسان کي اها سچائي مڃڻي پوندي هن چيو ته  هر ڪو دشمني ۽ وفاداريءَ جا سرٽيفڪيٽ ونڊي رهيو آهي ته ڪير سنڌ سان سچو آهي ۽ ڪير سنڌ سان وفادار ناهي. سنڌ جو دشمن ڪير ٿي سگهي ٿو؟ ڇا سنڌ جو دشمن اهو ٿي سگهي ٿو جيڪو سنڌ جي بهتريءَ جي ڳالهه ڪري ٿو؟ مان سڄي سنڌ جي ڳالهه ڪريان ٿو. يا سنڌ دشمن اهو آهي جو جڏهن ڪو سوال اڀري ٿو ته ان کي ورهاڱي جو نام ڏئي دٻايو وڃي ٿو؟هن چيو ته اها ئي سنڌ آهي جنهن پاڪستان جي قرارداد پيش ڪئي، مان مڃان ٿو ان ڳالهه کي ۽ ان تي فخر محسوس ڪريان ٿو. توهان سڀني جي طرفان اها ڳالهه اچي ٿي، پر اها قرارداد ان لاءِ ته پيش نه ڪئي وئي هئي ته هتي ڪارنهن (ڪاري ڪاري) جي نالي تي ڌيئرن کي قتل ڪيو ويندو! ان لاءِ ته پيش نه ڪئي وئي هئي ته هتي ڪرپشن ٿيندي! ان لاءِ ته پيش نه ڪئي وئي هئي ته هتي  خراب حڪمراني  هوندي! سنڌ جي هر ٻار جو حق آهي تعليم تي، ان تي فوڪس ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته ڪنهن کي ڪو فرق نٿو پوي ته ڪير سنڌي آهي، ڪير پٺاڻ آهي، ڪير بلوچ آهي، پاسپورٽ تي سڀني جي پاڪستان لکيل آهي پر اسان هڪ ٻئي لاءِ به ڳالهائي نٿا سگهون. اها ڪهڙي جمهوريت آهي ۽ اهو ڪهڙو آئين آهي؟ منهنجو آئين ته اجازت ڏئي ٿو پر منهنجا سياستدان اجازت نٿا ڏين. اها تفريق اسان ماڻهن ئي ڪئي آهي، نفرت انگيز بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته نه ٿرپارڪر کي صوبو ٿيڻ گهرجي نه ڪراچي کي صوبو ٿيڻ گهرجي. مان ان ڳالهه سان متفق آهيان ته گورننس جو هڪ بهتر نظام هجڻ گهرجي، اهو انتظامي يونٽ سان ٿئي يا ڪو ٻيو فارمولو هجي،انتظامي يونٽن خلاف پنج دليل ته ڏيو هن چيو ته  هن اسيمبليءَ جو اهو  تاريخ  ۾ شمار ٿيندو ته سڀني پنهنجي سيٽن جي طاقت کي ڇڏي عوام جي طاقت لاءِ ڪم ڪيو. ڪرسيءَ سان محبت ايتري نه ڪريو جو ڪردار مان اسان ماڻهو ڪري پئون.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبر افتخار عالم چيو ته هي مسئلو ڪنهن هڪ صوبي يا هڪ شهر جو ناهي، پر پاڪستان جي رياستي ادارن جو سوال آهي.افتخار عالم چيو ته پاڪستان جي آبادي ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي، ڪٿي نه ڪٿي ته ناانصافين جو ازالو ٿيڻ گهرجي، ڇو ته عام ماڻهو جا مسئلا حل نٿا ٿين.هن چيو ته انتظامي يونٽن کي سياسي تناظر ۾ نه ڏٺو وڃي. اسان سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه نٿا ڪريون، اسان هن ايوان ۾ پنهنجي عوام جي نمائندگي ڪريون ٿا. ايم ڪيو ايم پاڪستان اها بحث ڪنهن قوم يا ثقافت خلاف نٿي ڪري.افتخار عالم جو چوڻ هو ته هڪ شهري کي بنيادي سهولتون گهرجن ۽ اهڙي حڪومت هجڻ گهرجي جيڪا عوام آڏو جوابده هجي. شهرين کي اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي وڌيڪ فوري، شفاف ۽ جوابده حڪومت جي ضرورت آهي،هن چيو ته ڪڏهن صوبن، ڪڏهن انتظامي يونٽن۽ ڪڏهن ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڇو ٿين ٿيون؟ حڪومت جواب ڏئي ته اهڙا آواز ڇو اٿن ٿا،ڪهڙا سبب آهن جو اهي سڀ ڳالهيون عوام ۾ ٿي رهيون آهن، ايم ڪيو ايم جي دانيال احمد چيو ته اسان سڄي پاڪستان ۾ انتظامي يونٽن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اسان مان ڪنهن به سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه ناهي ڪئي. سنڌ جون جاگرافيائي حدون ساڳيون رهنديون.هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪنهن به قوميت سان تعلق رکندڙ شخص وڏو وزير بڻجي سگهي ٿو. جڏهن ضرورت پوندي آهي ته وڏي عمارت به تعمير ڪئي ويندي آهي. توهان اڪثريت ۾ آهيو، پر پيپلز پارٽي کي 40 سيڪڙو ووٽ مليو آهي.انجنيئر محمد عثمان چيو ته ملڪ ۾ انتظامي يونٽن جي قيام جي مڪمل حمايت ڪندي چيو ته هاڻي ملڪ هلائڻو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻا پوندا،پنج هزار سال اڳ سنڌ ۾ رهندڙ ڪپڙا پائيندا هئا اڄ سنڌ جي غريب ٻارن جي حالت ڏسو انهن جا جسم ڍڪڻ لاءِ چادر به ناهي،متحده جي محمد معاذ محبوب خطاب ڪندي چيو ته مان سڀ کان پهرين اها ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان سنڌ جو ورهاڱو نٿا چاهيون، اسان سنڌ کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، ۽ اهي جيڪي سنڌ جي ورهاڱي جي نعري پٺيان پنهنجي 18 سالن جي خراب حڪمراني ناقص انتظاميا ۽ ادارجاتي ناڪاميءَ کي لڪائي رهيا آهن، اسان انهن کي نه ڇڏينداسين.هن چيو ته هتي ڪوٽا سسٽم ڇو آهي؟ هن چيو ته تعليم جي اگر اسان ڳالهه ڪريون، 18 سالن ۾ 3600  ارب رپيا مليا. 40,900 اسڪول آهن، 36,000 اسڪولن ۾ ته لائٽون ئي ناهن، 32,000 اسڪولن ۾ ٽوائليٽ ناهن. توهان ڪهڙي گورننس جي ڳالهه پيا ڪريو؟ 80 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن هن چيو ته صحت جي ڳالهه ڪريو ته 18 سالن ۾ 3200 ارب رپيا، 18 سالن ۾ 40 هزار کان وڌيڪ ايڇ آءِ وي (HIV) جا ڪيس رجسٽرڊ آهن، 91 هزار ماڻهو ايڇ آءِ وي ۾ گھمي رهيا آهن سڄي صوبي جي اندر! توهان 18 سالن ۾ هن سنڌ کي ايڊز سٽيل سنڌ بڻائي ڇڏيو،

You might also like