بشڪڪ(ع آ نيوز) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڻي خطي جي لائف لائن آهي، انهي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڻي اسان جي خطي جي زندگي ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل جي ضمانت آهي، پاڻي کي سياسي مقصد يا دٻاءُ جي هٿيار طور استعمال ڪرڻ برداشت نه ڪرڻ جوڳو عمل آهي. بشڪڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عالمي امن، استحڪام جي لاءِ ايس سي او هڪ اهم پليٽ فارم آهي. ايس سي او جا 25 سال مڪمل ٿيڻ اهم سنگ ميل آهي، پاڪستان ايس سي او جو فعال ۽ ذميوار ميمبر آهي. هن چيو ته عالمي منظر نامي ۾ جاگرافيائي ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي. ايس سي او گڏيل چيلنجن کي منهن ڏيڻ جي ارادي جي نشاني آهي پاڪستان تڪرارن جي پرامن حل ۽ عالمي قانون تي يقين رکي ٿو. هن جو چوڻ هو ته هلندڙ بحران محفوظ توانائي راهدارين جي اهميت واضح ڪري ڇڏي، پاڪستان علاقائي بحران جي دوران امن جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان جون سفارتي ڪوششون اسلامي مفاهمتي يادداشت تي صحيح تائين پهتيون. اسلام آباد مفاهمتي يادداشت خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ طرف اهم قدم آهي. پاڪستان پائيدار علاقائي امن جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڏکڻ ايشيا پائيدار امن کان سواءِ پنهنجي مڪمل صلاحيت حاصل نٿو ڪري سگهي، پاڻي اسان جي خطي جي زندگي ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل جي ضمانت آهي، پاڻي کي سياسي مقصد يا دٻاءُ جي هٿيار طور استعمال ڪرڻ برداشت نه ڪرڻ جوڳو عمل آهي، عالمي معاهدن تي انهي جي روح ۽ لفظن موجب مڪمل عمل ٿيڻ ضروري آهي. فلسطين جي مسئلي تي ڳالهيون ڪندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته غزه ۽ الهندي ڪناري ۾ انساني الميو برداشت نه ڪرڻ جوڳو آهي، عالمي برادري فلسطيني عوام جي حق خوداراديت جو احترام ڪري. شهباز شريف جو چوڻ هو ته دهشتگردي خطي کي پيش ايندڙ سنگين خطرن مان هڪ آهي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ حياتين جون قربانيون ڏنيون. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان ٿيو. پاڪستان پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جو خواهشمند آهي، دهشتگردن کي افغان زمين پاڪستان جي خلاف استعمال ڪرڻ نٿي ڏئي سگهجي.