ڪراچي ۾ 90 ڪروڙ رپين جي آئس هٿ

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ٽاسڪ فورس ڪراچي ۽ وفاقي سول حساس اداري وڏي ڪارروائي ڪندي عالمي منشيات اسمگلنگ نيٽ ورڪ جي 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري 50 ڪلو کان وڌيڪ آئس هٿ ڪري ورتي، گرفتار جوابدارن ۾ هڪ پوليس ڪانسٽيبل، ٻه افغان شهري، هڪ ڊاڪٽر ۽ هڪ فارما ڪمپني جو اڳوڻو ملازم شامل آهن.ٽاسڪ فورس ڪراچي ۽ وفاقي سول حساس اداري ڳجهي اطلاع تي گڏيل ۽ مربوط ڪارروائي ڪندي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حدن ۾ عالمي منشيات اسمگلنگ نيٽ ورڪ خلاف ڪامياب آپريشن ڪيو. ڪارروائي دوران هڪ منظم عالمي نيٽ ورڪ جو انڪشاف ٿيو، جيڪو آئس (ڪرسٽل ميٿامفيٽامين) ۽ ڪيٽامين کي مختلف کيپن جي صورت ۾ لڪائي اسمگل ڪرڻ ۾ ملوث هو.گڏيل ڪارروائي دوران گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ نذير سومرو (مبينا ماسٽر مائنڊ ۽ منشيات جي کيپ موڪلڻ وارو)، شاهد مستوئي (گودام جا انتظام سنڀاليندڙ)، شيخ خالد (منشيات رکڻ لاءِ جاءِ ۽ مقامي ڏيتي ليتي لاءِ بئنڪ اڪائونٽ فراهم ڪندڙ)، نور خان (افغان نسل جو، پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ، بلوچستان مان آئس جي فراهمي يقيني بڻائيندڙ)، گران خان (افغان نسل جو، پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ، بلوچستان مان آئس جي فراهمي يقيني بڻائيندڙ) ۽ ناصر علي (آئس جي ترسيل ۾ سهولتڪاري ڪندڙ) شامل آهن.ڪارروائي دوران گرفتار جوابدارن وٽان 50 ڪلو کان وڌيڪ آئس (ڪرسٽل ميٿامفيٽامين) هٿ ڪئي وئي. وڌيڪ جاچ دوران 10 ڪلو آئس جو نمونو فراهم ڪندڙ وڌيڪ ٻن جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو، جن جي سڃاڻپ محمد ڪامران (ملير ڪراچي پوليس جو ڪانسٽيبل) ۽ عبدالله عرف عارف طور ٿي آهي. ڊي آءِ جي ويسٽ عرفان بلوچ پريس ڪانفرنس ۾ٻڌايو ته جوابدار نوڪري جي آڙ ۾ پرڏيهه ۾ منشيات جي نيٽ ورڪن سان ملاقاتون ڪندا هئا. جوابدار گهڻو ڪري منشيات فلپائن ۽ ملائيشيا موڪليندا هئا. 8 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻه فرار آهن.هٿ ڪيل منشيات جي ماليت 80 کان 90 ڪروڙ رپيا ٻڌائي وئي آهي.

You might also like