گذريل ڪجهه هفتن کان ملڪ جو سسٽم ناڪارا ٿيڻ واري شوشي کان وٺي ملڪ کي وڌيڪ انتظامي يونٽن ۽ صوبن ۾ ورهائڻ جا فارمولا ڏيڻ تائين، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي بيانن جيڪو سياسي مانڌاڻ مچايو آهي، تنهن وچ ۾ کوڙ سارا اصل مسئلا دٻجي ويا آهن. هن ملڪ ۾ اها پراڻي روايت رهي آهي ته وڏا مسئلا دٻائڻ لاءِ ان کان به وڏا مسئلا کڙا ڪيا ويندا آهن. بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ آزاد ڪشمير ۾ جاري بدامني ۽ گهرو ويڙهه تي ٻڙڪ به نه ٻاڦيندڙ نام نهاد قومي ميڊيا قومن جي وحدت تي وار لاءِ جڙتو سروي ڪرائڻ لڳندي آهي. ٽي وي تي ڀاڙيتا اينڪر پروگرام ڪندا آهن، پر سسٽم کي ناڪارا بڻائيندڙن ڏانهن ڪو آڱر نه کڻندو آهي.
پارليامينٽ جي ڪم ۾ خلل وجهندڙن کان پڇاڻو نه ٿيندو آهي، جمهوريت تي راتاهو هڻندڙن ۽ آئين جي بار بار لتاڙ ڪندڙن کي پنهنجي حدن ۾ رهڻ لاءِ ڪو نه چوندو آهي. عدليا ۽ ٻيا قانون ساز ادارا پنهنجي بيوسيءَ جو پٽڻو ته پٽيندا رهندا آهن، پر پوءِ به ساڳئي سسٽم جو حصو بڻجي ماٺ ڪري ويهي رهندا آهن. نتيجي ۾ هر ڪو پنهنجو کيسو گرم ڪري، پنهنجو وارو وڄائي ۽ پاسو وٺي نڪري ويندو آهي. هونئن ته هن ملڪ جو لڳ ڀڳ هر ادارو ناڪاميءَ جي ڪهاڻي بڻجي چڪو آهي، پر ڪجهه ادارا اهڙا به آهن، جيڪي هن ناڪام سسٽم کي پنهنجي پوري طاقت سان وڌيڪ هيڏي هوڏي ڪري سگهن ٿا. انهن مان هڪ ادارو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به آهي. پي سي بي هڪ خودمختيار ۽ پنهنجي پيرن تي بيٺل ادارو هجڻ گهرجي، پر ملڪ ۾ هلندڙ سسٽم جيان هتي به سربراهه ٿيڻ لاءِ آقائن جو لاڏلو هئڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو. بورڊ جي سربراهيءَ واري ڪرسيءَ تي سويلين ۽ نان سويلين، ڪامورا ۽ سياستدان، توڙي جهرڪين ذريعي ملڪي ڪاروهنوار جون خبرون رکندڙ صحافي به ويهي چڪا آهن. هاڻي جڏهن ملڪ ۾ سسٽم جي ناڪاميءَ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ اهل ماڻهن جو به ڏڪار نظر اچي ٿو، تڏهن هائبرڊ سسٽم جي پيداوار مان اڀري ايندڙ محسن نقوي صاحب مڙني ذميوارين سان گڏ پي سي بي جو چيئرمين به آهي.
محسن نقوي ان ڪرسي تائين پهچڻ لاءِ به ڏاڍو ڪٺن سفر طئي ڪيو آهي، پوئين چونڊن کان اڳ هو اوچتو پنجاب جو نگران وڏو وزير بڻيو، پوءِ سينيٽر ٿيو، گهرو وزير بڻايو ويو ۽ ڪم ۽ ترقيءَ جي رفتار ڏسندي پي سي بي چيئرمين جي ڪرسي به کيس ملي وئي. هن وقت ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدارت به وٽس آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن عالمي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ٽياڪڙ جو ڪردار به نڀائيندي نظر اچي ٿو. يعني سائين کي هر شيءِ جو اونو آهي؛ ملڪي سياست جا مسئلا هجن، گهرو ويڙهه هجي، عالمي نظام هجي يا نوان صوبا ٺاهڻ جو معاملو، نقوي صاحب هر هنڌ موجود آهي.
هڪ ئي وقت ايتريون ذميواريون سنڀاليندڙ صاحب کان ڪرڪيٽ سسٽم هلائڻ جي به اميد رکڻ شايد زيادتي هجي، ان لاءِ هن پاڻ جهڙي ٻئي قابل ماڻهو کي ذميواري ڏني آهي، جنهن کي اسان عاقب جاويد جي نالي سان سڃاڻون ٿا، عاقب جاويد بابت ماڻهو چون ٿا ته ڪرڪيٽ سسٽم کي ناڪام ڪرڻ ۾ سندس ڪردار اهم رهيو آهي، هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن سسٽم ناڪارا آهي ته ان سسٽم کي هلائڻ وارن کان پڇاڻو ڪڏهن ٿيندو؟ هتي سسٽم ناڪارا ٿيڻ جون ڳالهيون ته هلنديون رهنديون آهن، پر سسٽم هلائڻ وارن کي ڪجهه به نه ٿيندو آهي. جيئن تازو پمز ۾ باهه واري واقعي ۾ 14 معصوم ٻار سڙي رک ٿي ويا، پر صحت واري وزير استعيفيٰ ڏيڻ بدران صوبا ٺاهڻ لاءِ جلسا ڪندو رهيو. هتي به سوال ساڳيو آهي، ذميواري ڪنهن جي هئي ۽ احتساب ڪنهن جو ٿيو؟
ڪرڪيٽ ۾ به صورتحال ڪا مختلف ناهي، محسن نقوي جي ٽي سالا چيئرمين شپ واري عرصي دوران ملڪي ڪرڪيٽ تيزيءَ سان ناڪاميءَ جون منزلون طئي ڪيون آهن، ايشيا ڪپ 2023، ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024، چيمپئنز ٽرافي 2025، ايشيا ڪپ 2025 ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڪيترائي ڪوچ، ڪپتان ۽ رانديگر مٽيا، پر سسٽم جيئن جو تيئن رهيو.ننڍي سرجري، وڏي سرجري، عهدا بدليا، چهرا بدليا، پر مرض ساڳيو رهيو. پر هاڻي ڳالهه ٿوري اڳتي نڪري وئي آهي،.انگلينڊ جي دوري کان اڳ انگلش ميڊيا جيڪو ممڻ مچايو ته ”هي پاڪستان جي اڌ صديءَ جي بدترين ٽيم“ انگلينڊ جو دورو ڪري رهي آهي، تنهن تي ٻين سان گڏ ساڳئي ملڪ ۾ پاڪستان جي عزت کي ٽين وال ڪندڙ سلمان بٽ جهڙن ماڻهن به آواز اٿاريو هو. پر اسٽيورٽ براڊ هڪ وک اڳتي وڌندي چيو ته ”هي واقعي پاڪستان جي ڪمزور ترين ٽيمن مان هڪ آهي ۽ جيڪڏهن انگلينڊ پاڪستان کي وائيٽ واش نه ڪيو ته اها انگلينڊ جي ناڪامي هوندي.“
اسان سمجهيو ته ايئن ناهي، پر سيريز شروع ٿي ته هيڊنگلي ٽيسٽ ٻن ڏينهن اندر ئي قصو ختم ٿي ويئي، انگلينڊ کي ٻيهر بيٽنگ ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پئي. مستقل ڪپتان بابر اعظم جي ان فٽ هئڻ ته وقتي ڪپتان سلمان علي آغا بڻيو، ٻي ميچ ۾ کيس به ٻاهر ويهاريو ويو ۽ لارڊز ۾ نتيجو به چئن ڏينهن ۾ پاڪستان جي ناڪاميءَ جي صورت ۾ نڪتو، جي ميچ دوران مينهن نه پوي ها ته شايد اهو قصو به ٻن ڏينهن ۾ ختم ٿي وڃي ها. لارڊز کانپوءِ وري ”آپريشن ڪلين اَپ“ شروع ٿي،.انگلينڊ هٿان شرمناڪ شڪست کانپوءِ اڌ ٽيم وطن واپس موڪلي وئي، جڏهن ته اڌ ٽيم انگلينڊ وڃڻ لاءِ ويزائن جي آسري ويٺي آهي، ڪوچ هٽي ويا، سليڪشن ڪميٽي ٽٽي وئي، پر اصل ذميوار اڃا تائين پنهنجي جاءِ تي موجود آهن.ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته اداري جو سربراهه هئڻ جي ناتي پي سي بي چيئرمين پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري ها، پر سائين جن کي سمورا ڪم ڪرڻا آهن، سواءِ پنهنجي اصل ڪم جي.مڙني ذميوارين جي ٻوجهه هيٺ دٻيل ماڻهو کان اهڙي اميد رکڻ شايد زيادتي ئي هوندي. ڀلا جنهن ڪرڪيٽ جي ڍانچي ۾ ميرٽ جي لتاڙ کانپوءِ سٽي باز، جواري ۽ سزا يافته ماڻهو به سسٽم جو حصو بڻجي ويا هجن، اتي نتيجا مختلف ڪيئن نڪرندا؟ بااثرن جا پٽ، سئوٽ، ماسات ۽ ناٺي به هن نظام ۾ جاءِ والاريندا پيا وڃن، هڪ ناڪامي لڪائڻ لاءِ ٻي ناڪامي سامهون اچي رهي آهي.
هاڻي وري ورهين پراڻيون طبي رپورٽون ليڪ ٿي رهيون آهن ته ڦلاڻي رانديگر ڪوڙي انجريءَ جو بهانو بڻائي ملڪ لاءِ کيڏڻ کان پاسو ڪيو هو، پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اها رپورٽ ان وقت موجود هئي ته ان کي دٻائي ڇو رکيو ويو؟ ساڳئي رانديگر کي پوءِ کيڏايو ڇو ويو؟ ۽ هاڻي جڏهن رپورٽون سامهون آيون آهن ته پاڻ کي ڀلو ثابت ڪرڻ وارن کان پڇاڻو ڪير ڪندو؟
اصل سوال اهو ئي آهي ته هي ڪرڪيٽ سسٽم ناڪارا ڪيئن بڻيو؟ هتي سوال ايڏا ڏکيا ناهن ۽ نه ئي انهن جو حل ناممڪن آهي، مسئلو رڳو نيتن جو آهي.پر جڏهن نيت مال ميڙڻ جي هجي ته احتساب لفظ مسخري لڳندو آهي، ميرٽ ٺٺول بڻجي ويندي آهي ۽ ٽيلنٽ پنهنجي موت پاڻ مري ويندو آهي. اسان وٽ مسئلو رانديگرن جي کوٽ جو ناهي، مسئلو نظام جي نيت ۽ رخ جو آهي، ملڪ ۾ ٽيلنٽ جي ڪا کوٽ ناهي، پر هتي شروع کان ئي ڊوميسائل جي بنياد تي فرق رکيو ويو آهي، ڇو ته ٽيلنٽ کي اڳتي اچڻ لاءِ ميرٽ جي دروازي مان گذرڻو پوي ٿو، پر اهو دروازو بااثرن جي سفارشن، سياسي مداخلت ۽ ذاتي پسند ناپسند سان بند ڪيو ويو آهي.هاڻي وقت اچي ويو آهي ته رڳو رانديگرن، ڪوچن يا سليڪشن ڪميٽيءَ کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائڻ بدران مٿينءَ سطح کان هيٺ تائين پورو احتساب ڪيو وڃي، ڇو ته جيڪڏهن ملڪ جو سسٽم ناڪارا ٿيڻ جون ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون ته پوءِ ڪرڪيٽ سسٽم به ان کان الڳ ناهي،پر افسوس، هتي ڪير اها جرئت نٿو ڪري ته محسن نقوي صاحب کي منهن تي چئي سگهي ته ” جناب! ملڪ جو سسٽم ته پوءِ ڏسنداسين، پر توهان جو ڪرڪيٽ سسٽم به ناڪام ٿي چڪو آهي. پهرين ان کي درست ڪري وٺئون…؟